پهاڙي چٽ
پهاڙي چٽ (Petroglyph): قديم زماني جي ماڻهن ۽ پنهنجين سوچن، خيالن، ريتن رسمن ۽ مذهبي لاڙن کي پٿر تي تڏهن اڪيريو، جڏهن ڪاغذ اڃا نه ٺهيو هو. پٿر تي نڪتل چٽن ۽ تصويرن اڪيرڻ جي فن کي تصوير نگاري سڏجي ٿو. دنيا جي هر انهيءَ خطي ۾ جتي اوائلي تهذيبن جنم ورتو آهي، اتي پاهڻ تي تصوير نگاريءَ جا نمونا ملن ٿا. هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن هنڌن تي هن قسم جا چٽ مليا آهن. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ پٿر تي ٿيل اڪر يا نقش نگاريءَ ۾ مختلف جانورن جون تصويرون، شڪار جا منظر، مذهبي لاڙن يا رجحانن کي ظاهر ڪندڙ علامتون ۽ انهن بابت تجريدي چٽ، ان زماني جي سماج جي ڪافي حد تائين نشاندهي ڪن ٿا. کيرٿر جي مختلف هنڌن تي اوائلي دور جون، ماڻهن، جانورن سرهن، گڍن وغيره، جون ابتيون سبتيون شڪليون نڪتل آهن، خاص ڪري ”ڪتي جي قبر“ ڏي ويندي، سيتا نئن جي ٻئي ڪناري تي ”شاهه ڪنڀ“ وٽ، اهي شڪليون ڪافي تعداد ۾ ملن ٿيون. ان ڪري انهيءَ هنڌ کي مقامي ماڻهو سڏيندا ئي ”چٽن واري ڀر“ آهن. ساڳئي نموني کيرٿر ۾ ڏمڙي لڪ لهڻ مهل به اهڙا چٽ نمايان نظر ايندا. قديم زماني کان اسلام جي ظهور تائين سنڌ تي هندومت، ٻڌمت ۽ جين مت جو گھرو اثر هو. کير ٿر جي ”سدو مزو ڊهه“ وٽ لکيل ڪجهه تحريرون، پشاور يونيورسٽيءَ مان پڙهايون ويون آهن ته معلوم ٿيو آهي ته اهي لکتون برهمي لپيءَ ۾ لکيل آهن. اها لکت ڏکڻ ايشيا ۾ ٽين صدي ق.م تائين لکڻ ۾ ايندي هئي. انهن لکتن ۾ ڪجهه هن قسم جا لفظ مليا آهن: متارو، پرنداپ، دارا ۽ ڌمشا وغيره. (هن قسم جي تصوير نگاريءَ تي سنڌ ۾ تحقيق هلي رهي آهي). انهن نالن کان سواءِ ڪجهه شڪليون به آهن، جيڪي سڃاپجي سگھجن ٿيون، جھڙوڪ: پنجن اسٽوپائن جا نشان، ڍڳو، گھوڙو، هڪ ناچڻيءَ جي اڪر، سواستيڪا جو نشان وغيره. سدو مزو ڊهه کان سواءِ کيرٿر ۾ اهڙي قسم جي تصوير نگاريءَ ”نئن جھڏڙي ڪنڀ“ وٽ، جيڪو نئن نلي ڏي وهندڙ زئيني ڍوري جي ڪناري تي آهي، پپر ڪنڀ جي سامهون ڀورن دڙن ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي به ملي ٿي.