پهاڪو: پهاڪو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن جو مفهوم آهي ”اهو نُڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل هجي.“ گنڀير ويچار ۽ سهڻي صلاح سمايل گفتي کي پهاڪو چوندا آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لکيو آهي ته: ”هيءُ لفظ سنسڪرت جي ”پٿ“ لفظ مان
جڙيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: نصيحت آميز چوڻي، ضرب المثل. پنڊت رام ڌن مشر جي خيال ۾ ”پهاڪي جو اصل لفظ ’ڪهاوت‘ آهي.“ واسديو مشرڻ اگروال پراڪرت جي لفظ ”ڪهاپ“ مان ”ڪهاوت“ جي بناوت سمجهائي آهي. ڪيشو پرسادمشر ”ڪههُ“ ڌاتوءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ”آوت“ لڳائڻ سان هن جي رچنا سمجهائي آهي. سڌيشور ورما نالي ڀاشاوگيانيءَ ”ڪهه+ آوت“ مان ڪهاوت جو اشتقاق ڪيو آهي. هنومان پرساد جي ويچار ۾ هيءُ لفظ ڪم + آوت يعني اهو سخن يا گفتو آهي، جنهن کي عام ماڻهو پيڙهي در پيڙهي چوندا ۽ ٻڌندا پيا اچن. مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘ جي خيال ۾ ”هيءُ لفظ ”ڪهاڻي“ مان ٺهيو آهي.“ هي لفظ پهاڪي يا چوڻيءَ جي معنيٰ ۾ قديم زماني کان وٺي واهپي ۾ اچي پيو. ”ٽرنر“ جي راءِ موجب هن لفظ جو مول ”ڪٿا وارتا“ آهي. ”ڪهاوت“ لفظ جا سنڌيءَ ۾ ٻيا ننڍا روپ به ملن ٿا، جيڪي ”ڪهاوت“ ۽ ”ڪَهَت“ آهن. انهن جي اوسر به ”ڪهاوت“ لفظ جي بگڙيل روپ مان ئي ٿي آهي. پهاڪي جي وصف دانائن هن ريت ڪئي آهي:
پهاڪو اِهو آهي، جنهن ۾ گهڻن ويچارن کي ڪاڙهي، انهن جو سَت ڪڍي ٿورن لفظن ۾ لکيو وڃي.
ڪنهن به قوم جي اعليٰ درجي جي انوکي سمجهه ۽ سڃاڻ، پهاڪن مان ئي پوي ٿي.
پهاڪا اهي ننڍڙا جملا آهن، جيڪي گهڻي آزمودي ۽ تجربي کان پوءِ وجود ۾ آيا آهن.
پهاڪو هڪ اهڙو ننڍڙو گفتو آهي، جيڪو عام ماڻهن ۾ قبول ٿيل آهي.
پهاڪا اهڙا آڳاٽا بچيل جزا آهن، جيڪي پنهنجن ننڍڙن روپن ۾، صحيح معنيٰ جي خيال کان، قديم فلاسافيءَ جي کنڊرن مان سالم صورت ۾ کوٽي هٿ ڪيا ويا آهن.
پهاڪو ننڍڙو ۽ نصيحت آموز هڪ اهڙو گفتو آهي، جيڪو ازل کان وٺي مروج آهي.
پهاڪو سياڻن جي سخنن جي سمجهاڻي آهي.
مٿين وصفن مان پهاڪي جو جيڪو روپ ظاهر ٿئي ٿو، ان ۾ هيٺيون مکيه خاصيون آهن:
(1) پهاڪن ۾ ٿورن لفظن ۾ گهڻا ويچار سمايل هوندا آهن، (2) استعاري ۽ تجنيس جي ڪري پهاڪن ۾ اظهار جي برجستگي هوندي آهي، (3) پهاڪا روزاني زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل علم ۽ سياڻپ سان ڀريل نُڪتا آهن، (4) پهاڪا زباني روايتن ذريعي صدين کان وٺـي سماج ۾ هلندا پيا اچن، (5) پهاڪا نصيحت آموز هئڻ ڪري اڪثر عام ماڻهن لاءِ اڻ لکيل قانون آهن، (6) پهاڪن ۾ ڪنهن قوم ۽ ذات جو عڪس ملندو آهي.
دنيا جي سڀني ٻولين ۾ پهاڪن جي اهميت ۽ وصف بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي.
جهڙوڪ: يوناني ٻوليءَ ۾ لفظ 'Paroemia' ”عوام ۾ مروج سخن“، لاطينيءَ ۽ اطالويءَ جي لفظ 'Proverbio' ۽ ٽسڪن ٻوليءَ جي لفظ 'Dettato' جو مطلب آهي ”اهو وچن، جيڪو صدين کان بار بار دهرايو ويندو هجي.“ ترڪيءَ ٻوليءَ جي لفظ 'Atalas Suzu' ۾ ”ابن ڏاڏن جا وچن“ جي معنيٰ سمايل آهي؛ چيني ٻوليءَ ۾ اُن جي معنيٰ ”مقبول ثابت ٿيل جملو“ ۽ عربيءَ ۾ لفظ ’مثل‘ پهاڪي ۾ تمثيل يا ڀيٽ جي هئڻ طرف اشارو ڪري ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ”پهاڪي“ جو مفهوم هن طرح آهي: ”دانائيءَ وارو نُڪتو، جيڪو نصيحت طور ڪم آندو وڃي.“ پهاڪو ۽ چوڻي جدا جدا وصف رکن ٿا. جيتوڻيڪ اڄ تائين ڪنهن عالم انهن جي درجي بندي نه ڪئي آهي. پهاڪو، فطرت جي قانون موجب مندن جي تبديلي، انساني فطرت، رسمن، رواجن ۽ ڪائنات جي مظهرن وغيره متعلق قاعدي يا ڪُليي جي معنيٰ ڏئي ٿو، پر قصن، ڪهاڻين، واقعن ۽ حادثن جا عنوان ”چوڻين“ هيٺ ايندا آهن، مثال:
(i) تِر جي گُٿي سؤ چوٽون کائي.
(ii)انڌو هاٿي، لَشڪر جو زيان.