پهرين مئي

پهرين مئي

پهرين مئي

پهرين مئي: پهرين مئي کي عالمي سطح تي پورهيتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.
هونئن تہ ظالم سان مظلوم جي ٽڪر جا تاريخ ۾ کوڙ مثال ملن ٿا، پر شڪاگو جي پهرين مئي 1886ع واري مزدورن جي مثالي مظاهري سان سڄي دنيا ۾ هڪ تحريڪ شروع ٿي ويئي. ان ڏينهن سڀني ڪارخانن جي مزدورن ٻڌي ڪري، وڌيڪ وقت ڪم ڪرڻ ۽ گهٽ اجرت ملڻ خلاف وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو. 3 مئي تي پوليس مزدورن تي گوليون هلايون، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ مزدور مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. مزدورن پنھنجي مارجي ويل ساٿين جي رت ۾ ڪپڙو رڱي، جهنڊو ٺاهيو، اهو ئي ڳاڙهو جهنڊو سڄي دنيا ۾ مزدورن جي تحريڪ جو نشان بڻجي ويو. عالمي جنگين جي ڪري دنيا ۾ بک ۽ بيروزگاري وڌي. اقتصادي بدحالي اؤج تي پهتي ۽ سرمائيداري نظام جون ظالماڻيون سرگرميون وڌي ويون. انهن ڳالهين پورهيت تحريڪ کي وڌيڪ هٿي ڏني ۽ منجهن ظلم جو احساس ڏينهون ڏينهن زور ٿيندو ويو. جنهن سان سندن اتحاد مضبوط ٿيو. اڳتي هلي هن تحريڪ کي بين الاقوامي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پٺڀرائي حاصل ٿي، جنهن ڪري ان کي عالمي اهميت ملي.
پورهيت پنھنجي انهيءَ تاريخي جدوجھد جي ابتدا شڪاگو واري واقعي کان ليکيندي، پهرين مئي تي هر سال سڄي دنيا ۾ ان جو يادگار ملهائيندا آهن. پورهيتن جي عالمي تنظيم انساني ڀلائي ۽ بهبوديءَ جي ڪوشش کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اقوامِ متحدہ جي قائم ڪيل مختلف ادارن مان هن اداري جو تعلق پهرين عالمي جنگ جي رد عمل سان آهي. جنگ جي ڪري سڄي يورپ ۾ پيداوار جا وسيلا متاثر ٿيا، جنهن ڪري ملڪن لاءِ انيڪ اقتصادي مسئلا پيدا ٿي پيا. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان وقت گڏيل قومن طرفان ”پورهيتن جي عالمي تنظيم“ (International Labour Organization) قائم ڪئي وئي. ان جي متن، مقصدن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ، هي بہ ڄاڻايل آهي تہ ”هي ادارو سماجي انصاف کي زور وٺائيندو، پورهيتن جي زندگيءَ جي معيار ۽ ڪم ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو“. 1946ع ۾ اهو اقوام متحدہ جو پهريون معياري ۽ خاص (Specialized) ادارو بڻيو. 1969ع ۾ هن اداري کي پنجاھہ سالن تائين نمايان خدمتن ڪرڻ جي اعتراف طور امن جو امتيازي انعام ڏنو ويو. پورهيتن جي ڀلائيءَ سان گڏ دنيا مان بيروزگاري ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري جي اٿاھہ واڌاري وارن مسئلن کي منهن ڏيڻ، هن اداري جا مکيہ ڪم آهن. اداري جو مکيہ مرڪز جنيوا ۾ آهي. ”مزدورن لاءِ موڪل“ جي هن تصور 1956ع ۾ آسٽريليا ۾ جنم ورتو. جڏهن رازن جي تنظيم ”اسٽون مسين سوسائٽي“ 18 آگسٽ 1855ع تي واپارين جي نالي سان الٽيميٽم جاري ڪيو تہ 6 مهينن کان پوءِ هو، صرف 8 ڪلاڪ ڏهاڙي ڪم ڪندا. ان مطالبي جو جزوي سبب اهو بہ هو تہ يورپي آبادگارن پاران تيزيءَ سان آسٽريليا جو رُخ ڪرڻ ڪري ان وقت تعميراتي ڪم زور شور سان ٿيڻ لڳو ۽ 6 مهينن جو مُدو ختم ٿيڻ کان پوءِ مزدور آمريڪا جي شڪاگو شھر ۾ وڏي تعداد ۾ جمع ٿيا ۽ مظاهرا ڪيائون. سرمائيدار طبقو انهن جا مطالبا قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو، ان ڪري انهن مزدورن طرفان ڪيل ٻن هفتن واري اها هڙتال اثرائتي ثابت ٿي، ۽ مارچ جي
شروعات ۾ اهو مطالبو قبول ڪيو ويو، جڏهن تہ 22 اپريل تي ان حوالي سان عام موڪل جو اعلان بہ ڪيو ويو. اها خبر دنيا جي ٻين حصن ۾ پکڙجڻ جي ڪيترن سالن کان پوءِ ”مزدورن جي ٻي انٽرنيشنل ڪانگريس“ هي ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ پهرين مئي جي چونڊ ڪئي. ڇو تہ 1886ع ۾ انهي ڏينهن مزدورن پنھنجي حقن جي خاطر شڪاگو (آمريڪا) جي سانحي ۾ پنھنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو.


لفظ پهرين مئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1886.05.01  عيسوي

شڪاگو جي پهرين مئي 1886ع واري مزدورن جي مثالي مظاهري سان سڄي دنيا ۾ هڪ تحريڪ شروع ٿي



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوڻي ڏهرو
اهل
گاجي شاهه جي واهي
کُڏي1 پٿري دائرو
دهريت
جامعہ
بنات النعش
لالي ووڊ
ڏائڻ
پارٽي
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون