پهرين مزاحيه ڪانفرنس

پهرين مزاحيه ڪانفرنس: اسان جي دنيا ۾ ڪيترائي خوش مزاج ۽ خوش طبع شخص موجود آهن، جيڪي پنهنجا غم اَلم وساري خوش طبعي ۽ مزاح سان ڏکايل انسانن جون دليون وندرائيندا آهن.
حيدرآباد سنڌ ۾ 14 آڪٽوبر 1961ع تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪوشش سان بيسنت هال ۾ پهرين سنڌي مزاحيه ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن، خوش طبع شخصيتن ۽ مسخرن شرڪت ڪري، پنهنجي فن جو اهڙو بي مثال مظاهرو ڪيو، جو اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو وساري نه سگهيا آهن.
هن ڪانفرنس جو اعلان جيئن ئي اخبارن ۾ ٿيو ته ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو، ڪانفرنس جي منتظمن وٽ خطن پٺيان خط ۽ فونون اچڻ لڳيون ته مهرباني ڪري ڪارڊن ورهائڻ وقت اسان کي نه وسارجو.
14 آڪٽوبر 1961ع تي ڇنڇر جي ڏينهن ساڍي ڇهين بجي ڪانفرنس شروع ٿيڻي هئي، پر ساڍي پنجين وڳي سڄو هال ڀرجي ويو. ڪانفرنس جي ڪارروائي هلائيندڙ ڊاڪٽر بلوچ به ٻاهر هجي ۽ آخرڪار مخدوم صاحب لاءِ مخصوص ڪيل ڪمري وارو دروازو کولرائي ڊاڪٽر صاحب کي اندر رسايو ويو. حيدرآباد ۽ آس پاس جون مشهور شخصيتـون هال ۾ موجود هيون، هال جا دروازا ماڻهن سان بند ٿي ويا، پوڻين ستين بجي ڪارروائي شروع ٿي.
سڀ کان اول محمد فقير مسخري ٻڌائي ’اول الله ڀلو‘ ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرحبائي خطبو پڙهيو ۽ سنڌ جي سمورن خوش طبع شخصن ۽ مسخرن جو تعارف ڪرايو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو.
مزاحيه ڪانفرنس جو پهريون ائٽم ’چرچن جي چوٽ‘ شروع ٿي. چرچائين جي پهرين جوڙي وچولي مان ٻڍو مير بحر ۽ اتر مان عرض محمد راڄپر آيا. عرضو راڄپر چنگيز خان جي دور جو جادوگر لڳي رهيو هو. اهڙي حالت ۾ ٻڍي ميربحر عرضوءَ سان چرچو ڪندي چيو ”عرضوءَ جون مڇون اهڙيون آهن، جهڙو ٻه ماڻهو سائيڪل تي چڙهيو پيا اچن“. سڄي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. هن به عرضوءَ کي ڪيئي ٽوڪون هنيون. ان کان پوءِ قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جا چرچائي صالح فقير، عرس مڱڻهار، موسو ۽ لالڻ فقير آيا. ان بعد سنڌ جي ٻن مشهور چرچائن قدو عرف قادربخش مڱڻهار جهِرڪن واري ۽ قادو شيدي ماتليءَ واري جو مقابلو ٿيو. هنن جي چرچن وڏو مزو ڪيو، پر قادو شيديءَ کي قدو مڱڻهار آخري چرچو واهه جو ڪيو. چي صاحب! شيديءَ ڪئي ٿي شادي سرگس لاءِ گهوڙو وٺي آيا، پر جنهن مهل گهوڙي، شيديءَ کي ڏٺو ته ٽاهه کائي اهڙو وٺي ڀڳو، جو اڄ تائين گهوڙا قادوءَ تي وارنٽ ڪڍايو ٿا اچن.“
چرچن جي محفل کان پوءِ ڪانفرنس جو ٻيو ائٽم مناظرو هو. مناظرو سنڌي عام مزاحيه شاعريءَ جي اعليٰ صنف آهن. قاضي الله ورائي ٻيڙي ۽ ڀونگريءَ جي وچ ۾ جهيڙو ٻڌايو. جنهن جو هڪ شعر هن ريت هو:
سُريلا پيا اڄ سٽن ۾، ڇڏيئون ٻيڙيءَ جي پچر،
ڀاڳ وريو مون ڀونگريءَ جو، لائن سيني ساڻ سکر،
آئـون غـريـب امـيــد سـان، مـتـان ڀـاڪر پـايـو ڀــر
تــو ڪـيـئـي خــان کُـٽـايـا، لـچــي ڏيـئـي لـســ
هاڻي ٽيڪو ڇڏي ٽر، نه ته خوار ڪنديسانءِ خلق ۾.
ٻيڙيءَ کيس جواب ڏنو ته
سـيـل ٻـيـڙي، پـن پـاڪـيـٽ، جـوڙيـن ويٺـا جوان،
قدر منهنجو ڪامورن کي، ٻيو مُنڇين ۾ آ مان،
پتلون پايو، سيل دکايو، جيڪي عدل ڪن انسان،
تون ڪمائين ڪولهين کي، هاڻي مسلمانن ۾ مڪان،
جهٽ ۾ پئي جهيڙا ڪرين، تون نسوري نادان،
آئون اصـل کـان اڳـواڻ، تـون نسـل آهيـن نِڪ ۾.
آخر ۾ ٻيڙي ۽ ڀونگريءَ جو پرچاءُ شاعريءَ ۾ ڏيکاريو ويو، ماڻهن کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ٿي ويا.
ٽيون اسم سنڌ جي وڏن ماڻهن جي شڪارن جي نقل بابت هو. حاجي الله رکئي ۽ يار محمد ٽنڊي قيصر واري انگريز ۽ سندس زال جو ڪيل شڪار ٻڌايو ۽ انگريز جي ٽهڪ ۽ ڳالهائڻ جي اهل ٻڌائي ماڻهن کي وندرايو. هالن واري ٻُڍي ميربحر سُوئر ۽ ڪُتن جي شڪار جي اهل ٻڌائي، پر اسماعيل شيدي ماتلي واري ڇيهه ڪري ڇڏيا. هن جي گفتن، ڀيدن ۽ شرناين جي وڄت، ڪُتن جي ڀؤنڪن، سُوئر جي رومڙ ۽ ماڻهن جي ڀڄ ڊوڙ جا اهڙا منظر ٻڌايا، جو محفل کٽي ويو. ان کان پوءِ گونگن جي ڪچهري ٿي، گونگا اشاري بازيءَ جي فن جا استاد آهن. سڀ کان وڌيڪ فيض محمد نظاماڻي ٽنڊي قيصر واري پاڻ ملهايو، جنهن اشارن ۾ سڄي دنيا جهان جا معاملا ٻڌائي ماڻهن کي کلايو.
گونگن جي محفل کان پوءِ ٻُچين جي مجلس ٿي، جنهن جي صدارت سُگهڙ ٻيڙي فقير ڪئي ۽ استقباليه خطبو محمد فقير مسخري پڙهيو، جنهن ٻڌايو ته ڀائرو انهن ٻُچين جي آزار کان مون پنهنجو اباڻو گهر ۽ ڳوٺ ڇڏيو. آئون انهن جو وڏو دشمن آهيان، پر ڇا ڪريان قسمت اتي اچي اڙايو آهي، اسان جو صدر ٻيڙو خان ٻُچي به سبحان الله آهي، پوءِ هن ٻيڙي فقير سان ريل گاڏيءَ ۾ پنهنجي ملاقات جو احوال ٻڌائي ماڻهن کي وندرايو. ٻيڙي فقير کان پوءِ ٻُڍي ميربحر، وچولي جي ٻُچين جا پار پتا ٻڌايا، پوءِ عرض محمد راڄپر ٻُچين جون دلچسپ وصفون ٻڌايون.
ٻُچين جي محفل کان پوءِ اهلون پيش ڪيون ويون، جن ۾ ٻڍي ميربحر، مصري فقير جي ڳائڻ جي اهل ڪري ڪمال ڪري ڇڏيو. هن نزاڪت علي ۽ سلامت علي جي ڳائڻ جي اهل ڪئي. حيدرآباد لا ڪاليج جي شاگرد ۽ حيدرآباد ريڊيو جي ڳائڻي گل بيگ لغاري، نارو ڀڳت ۽ استاد غلام رسول جي ڳائڻ جي اهل ڪئي.
ان کان پوءِ سانگ وجهڻ جي محفل ٿي، قادو شيدي ۽ آرو شيديءَ ڪولهيءَ جي جن ڪڍڻ وارو سانگ وڌو. قادو شيديءَ ماڊرن ڊانس جو به مظاهرو ڪيو. خان صاحب محمد مسخري ناچو ڇوڪرن جي راڳ، نڙ بيت، ڀڳت، جبل جي موري، سنڌي ڪافي ۽ پڪي راڳ جا قسم ٻڌايا، اسماعيل شيديءَ ڀڄن ٻڌائي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
ان کانسواءِ نقل نظير ٿيا، جن ۾ قادر بخش مڱڻهار، عرض محمد راڄپر، اسماعيل شيدي ۽ خليفي امام بخش ساڻ حصو وٺي ڪافي لطف پيدا ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سڀني جو شڪريو بجا آندو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي قادو شيدي، آزاد شيدي، اسماعيل شيدي ۽ ٻين هو جمالو ڳايو ۽ هيءَ انوکي ۽ عجيب قسم جي ڪچهري، خير خوبي ۽ دلچسپيءَ سان ختم ٿي. هن ڪانفرنس ۾ مخدوم طالب الموليٰ، سيد ميران محمد شاهه، الهڏتي بلوچ ۽ مير حسن خان نظاماڻيءَ خوش طبع شخصن کي انعام ۽ اڪرام ڏنا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو