پهرين مڪليءَ جي جنگ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪتاب جنگ نامي موجب پهرين مڪليءَ جي جنگ ڪرمتين ۽ جوکين جـي وچ ۾ آڳـاٽـو لڳـي. ان وقـت جـوکيــن جـو اڳـواڻ بجـار هو، پر اڃـا مٿـس ”ڄاماڻي“ جو لقب ڪونه پيو هو. ان وقت پڳ مريداڻين تي هئي. ڄام مريد جي پٽ ڪريمداد جي وقت ۾ بجار طاقت وارو ٿيو. راڻي ارجن کي ماريـائيـن۽ ميان غلام شاهه سندس پوري پٺڀرائي ڪئي، جنهن تي ڪريمداد کان پڳ ڇڏايائون ۽ بجار کي ٻڌايائون. مريداڻين جي آخري ڄام ڪريمداد سن 1188هه بمطابق 1774ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبر مڪليءَ تي ميان علي شيرازيءَ جي قبي کان اُتر طرفان ويجھي آهي. ڪرمتي حب، ملير ۽ ساڪري جا ” مَلڪ“ هئا. کين اورنگزيب بادشاهه جاگيرون ڏنيون هيون. مغلن کان پوءِ 1150هه ۾ ”ٺٽي سرڪار“ وارو سنڌ جو هيٺيون لاڙ وارو علائقو ميان نور محمد جي هٿ ۾ آيو. ڪرمتين جي طاقت ڀڃڻ لاءِ هن خداآباد مان مٿس لشڪر چاڙهيو، جن حب، ملير ۽ ساڪري ۾ ڪرمتين تي ڪاهيو:
کــنيــون خــداآبـاد مــان ٻـارهـن هــزارن،
ســنـڌ، ڇـپــر، سـاڪـرو لـٽـيــو لـبــاسيــن،
آئــي مــل مليــر تـي، گھــل وڏي گھـورڙن،
ملير سڀ ملهائيو، مائي ”عزت“ جي پٽن.
انهيءَ حملي ۾ نؤزڪ خان ڪرمتيءَ جي پٽن پاڻ ملهايو. سندن ماءُ جو نالو ”مائي عزت“ هو، جيڪا وڏي حوصلي واري مائي هئي. ڪرمتين ملير بچايو، پر پوءِ ڪلهوڙن طرفان ڄام بجار ۽ جوکين جي پٺڀرائي ٿي. هيڏانهن بجار ۽ هوڏانهن مير مزار پنهنجن پنهنجن لشڪرن جا اڳواڻ هئا. ٻنهي ۾ مڪليءَ تي جنگ لڳي، جنهن ۾ مير مرزا ڦٽيو، پر ڪرمتين پڙ کٽيو ۽ جوکين جي هار ٿي.
مير مرزا ان وقت جوان هو ۽ وڏي همت وارو هو جو چيائين ته:
”مـيـر مــزار، هـيـڪـلـي هــزار“
جوکين کان انهيءَ جنگ ۾ جڏهن مير مزار ڦٽجي آيو ته ماءُ چيس ته: ”مون توکي بنا وضوءَ جي ٿڃ ڪونه پياري هئي، ابا، تون ڪيئن گھائجي آئين!“ انهيءَ تي مزار چيو ته: ”امان! مون کي انهن ڌَڪيو آهي، جن جون مائرون بنا وضوءَ جي زمين تي به ڪڏهن ڪين هليون آهن“. سندس اشارو جوکين جي مرشدن، سيد ميان عالي شيرازيءَ جي اولاد مان پوين جي بيبين ڏانهن هو.