پهريون سنڌي شعر: پهرئين يا پهريَن سنڌي بيتن جي تلاش ڪندي جيڪو شعر مليو آهي. اُهو ابو حاتم محمد جي حوالي سان آهي. هن پنھنجي ڪتاب ”ورضة الصقلاءِ ونزهة الفضلاءِ“ ۾ لکيو تہ: مون ابراهيم کان ٻڌو، جنهن ابن ابي القعقاع کي چيو تہ مون سان ابو هُذيل ڳالھہ ڪئي ۽ چيائين تہ آءٌ يحيٰ بن خالد برمڪيءَ وٽ ويٺو هوس جو هڪ هندي شخص پنھنجي مترجم سان گڏ ڪچهريءَ ۾ آيو؛ يحيٰ کي مترجم چيو تہ هي شخص شاعر آهي ۽ توهان جي مدح ڪئي اٿس. يحيٰ چيو تہ ڀلي ٻڌائي، انهيءَ تي هن شخص چيو:
اَرهَ، اَصَره، ککر- کي کِره مَندره
]جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي تڏهن تنهنجو مثال ڏيندا آهن[.
مٿئين متن کان قدري مختلف صورت ۾ هي شعر ”مجمل التواريخ والقصص“ ۾ آيل آهي. اُن جي صورت هيءَ آهي:
اَره بره کنکره- کراکِري مندره.
]هن ڪتاب ۾ ان شخص کي سرزمين سنڌ جو شاعر لکيو ويو آهي ۽ ِيحيٰ بدران سندس پٽ جو نالو اچي ٿو.[
اڳ ۾ هي شعر حضرت بلال حبشيءَ جي تصنيف ڄاتو ويو هو. دمشق ۾ سندس مزار جي ديوار تي هي شعر لکيل ٻڌايو ويو آهي، جيڪا پوءِ ”نزهة الجليس“ جو مصنف ابن نورالدين المڪي، جنهن هيءَ ڳالھہ لکي، سو بہ پوءِ جو آهي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو خيال آهي تہ اهو شعر حضرت بلال حبشيءَ جو آهي، جڏهن تہ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي 1966ع ۾ پيڪنگ ۾ چيني زبان جي تعليم دوران آفريڪي ملڪن جي هم ڪلاسين کان سواحلي ۽ ٻيون ٻوليون ٻڌيون ۽ ڪجهه لفظ سکيا ۽ اهو محسوس ڪيو تہ هنن جا آواز ۽ انداز ٻيا آهن. مثلاً گهڻا لفظ هينئن آهن: ڊانگا ڊُونگا-بامائوڪا، نيڪُوني وغيرہ. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو خيال آهي تہ: شاعر يا صاحب ممدوح جو نالو منڌرو هوندو يا هو ذات جو منڌرو هوندو. بغداد وڃڻ کان اڳ اِهو شعر سنڌ (لاڙ) ۾ چيو هوندائين ۽ صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ برمڪي وزير اڳيان اهو شعر پڙهيو هوندائين. انهيءَ ڪري شعر جو اصل متن هيئن هوندو:
اهڙا ٻُڙا ڪو (نہ) ڪري، ڪ ڪري منڌرو
]منڌرا ذات لاڙ، ڏکڻ بدين ۾ آباد آهي ۽ ٻُڙو لفظ ڀٽائيءَ بہ ڪم آندو آهي.[
موليٰ مٿان مون، ٻُڙو لاھہ مَ ٻاجهه جو. (شاھه)
مليل متن جو مفهوم نہ سمجهڻ جي باوجود هي بہ ٻي صديءَ هجريءَ جو شعر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چواڻي: سنڌي زبان جي تاريخ بنسبت هڪ قيمتي وٿ آهي، ڇو جو مليل روايت موجب هي شعر سنڌ/ سنڌ جي زبان سنڌيءَ جو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ هڪ هزار سال اڳ جا ڪي بيت ڏنا آهن، جيڪي سنڌي ٿا لڳن. جھڙوڪ:
ڀلا هئا جو ماريا، ڀيڻ مهارو ڪنت،
لڄيج جو ويڻ سي، جو ڀڳا گهرانت.
اهو ساڳيو خيال اڳتي هلي اسان کي ڀٽ ڌڻيءَ وٽ هن ريت ملي ٿو:
ڀڳو آن نہ چوان، جي ماريو تان وسهان،
ڪانڌ مُنہَ ۾ ڌڪڙا، سيڪندي سُنهان،
تـپـڻ لَــڄ مَــران، جـي هـونـس پـُـٺ ۾.
عرب دؤر (712- 1050ع) کان پوءِ سومرن جي حاڪميءَ (1050-1315ع) دوران ڪن روماني داستانن جو ذڪر ڪتابن ۽ روايتن ۾ اچي ٿو. ٻن ادبي اهڃاڻن ڏانهن بہ اشارا موجود آهن. اُنهن ۾ هڪڙا بيت سومرن جي جنگين بابت آهن، جيڪي هنن گُجرن/علاؤالدين جي لشڪر ۽ ڄام هالي سان ڪيون. اُنهن جو عرصو اندازًا 1150ع کان 1250ع آهي. هن باري ۾ ڀٽن، ڀانن ۽ سگهڙن جون ڳالهيون زباني روايتن مان تحرير ۾ آيون آهن. ڪي جنگين واري دور ۾ چيون ويون هونديون تہ ڪي پوءِ جي سگهڙن ٻڌي چيون هونديون. سگهڙ هنن ڳالهين جا راوي آهن. جن جي روايتن، ڳالھہ، قصي ۽ ڳاهن وغيرہ جو بنيادي ڍانچو تہ ملي ٿو، پر سر بستي ڳالھہ تي اعتبار ڪري ۽ اُن کي تاريخ تہ سڏي نٿو سگهجي، پر سندن بيان ڪيل روايتن ۾ جيڪي بيان ٿيو، سو نيم تاريخي داستان چئي سگهجي ٿو.
پهريون سنڌي عروضي شاعر: سنڌ جي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ بعد خبر پوندي تہ سنڌي ٻوليءَ ۾عروضي شاعري جو بنياد وجهندڙ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي آهي. سيد ثابت علي شاھہ کان پهرين عروضي شاعري صرف سنڌ جا فارسي شاعر ڪندا هئا ۽ سنڌي بيت ڏوهيڙي ڪافي وغيرہ ۾ هوندي هئي. سيد ثابت علي شاھہ اهو پهريون شاعر آهي جنهن عروض جي فن سان گڏوگڏ مرثيي جي صنف کي بہ سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو ۽ مرثيي جي فن کان پنھنجي شاگرد ميرزا مراد علي بيگ سائل کي بہ واقف ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ ۾ مرثيہ جو پهريون شاعر سيد ثابت علي شاھہ جو ۽ ٻيو ميرزا مراد علي بيگ سائل آهي. سنڌي ۾ غزل جو پهريون شاعر خليفو گل محمد آهي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي تصنيف ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۾ لکي ٿو تہ: ”سيد غلام علي شاھہ لاڙ جو گمنام شاعر، ميرن جي ابتدائي دؤر ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪري ويو. هن بزرگ آخوند گل کان بہ اڳ غزلن ۾ حقيقي محبوب جي ساراھہ ڪئي.“ هن مان ثابت ٿئي ٿو تہ سنڌي غزل جو پهريون شاعر سيد غلام علي شاھہ هو. ليڪن غزل واري صنف ۾ اڃا بہ تحقيق جي ضرورت آهي.