پهريون سنڌي شعر

پهريون سنڌي شعر: پهرئين يا پهريَن سنڌي بيتن جي تلاش ڪندي جيڪو شعر مليو آهي. اُهو ابو حاتم محمد جي حوالي سان آهي. هن پنهنجي ڪتاب ”ورضة الصقلاءِ ونزهة الفضلاءِ“ ۾ لکيو ته: مون ابراهيم کان ٻڌو، جنهن ابن ابي القعقاع کي چيو ته مون سان ابو هُذيل ڳالهه ڪئي ۽ چيائين ته آءٌ يحيٰ بن خالد برمڪيءَ وٽ ويٺو هوس جو هڪ هندي شخص پنهنجي مترجم سان گڏ ڪچهريءَ ۾ آيو؛ يحيٰ کي مترجم چيو ته هي شخص شاعر آهي ۽ توهان جي مدح ڪئي اٿس. يحيٰ چيو ته ڀلي ٻڌائي، انهيءَ تي هن شخص چيو:
اَرهَ، اَصَره، ککر- کي کِره مَندره
]جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي تڏهن تنهنجو مثال ڏيندا آهن[.
مٿئين متن کان قدري مختلف صورت ۾ هي شعر ”مجمل التواريخ والقصص“ ۾ آيل آهي. اُن جي صورت هيءَ آهي:
اَره بره کنکره- کراکِري مندره.
]هن ڪتاب ۾ ان شخص کي سرزمين سنڌ جو شاعر لکيو ويو آهي ۽ ِيحيٰ بدران سندس پٽ جو نالو اچي ٿو.[
اڳ ۾ هي شعر حضرت بلال حبشيءَ جي تصنيف ڄاتو ويو هو. دمشق ۾ سندس مزار جي ديوار تي هي شعر لکيل ٻڌايو ويو آهي، جيڪا پوءِ ”نزهة الجليس“ جو مصنف ابن نورالدين المڪي، جنهن هيءَ ڳالهه لکي، سو به پوءِ جو آهي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو خيال آهي ته اهو شعر حضرت بلال حبشيءَ جو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي 1966ع ۾ پيڪنگ ۾ چيني زبان جي تعليم دوران آفريڪي ملڪن جي هم ڪلاسين کان سواحلي ۽ ٻيون ٻوليون ٻڌيون ۽ ڪجھه لفظ سکيا ۽ اهو محسوس ڪيو ته هنن جا آواز ۽ انداز ٻيا آهن. مثلاً گھڻا لفظ هينئن آهن: ڊانگا ڊُونگا-بامائوڪا، نيڪُوني وغيره. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو خيال آهي ته: شاعر يا صاحب ممدوح جو نالو منڌرو هوندو يا هو ذات جو منڌرو هوندو. بغداد وڃڻ کان اڳ اِهو شعر سنڌ (لاڙ) ۾ چيو هوندائين ۽ صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ برمڪي وزير اڳيان اهو شعر پڙهيو هوندائين. انهيءَ ڪري شعر جو اصل متن هيئن هوندو:
اهڙا ٻُڙا ڪو (نه) ڪري، ڪ ڪري منڌرو
]منڌرا ذات لاڙ، ڏکڻ بدين ۾ آباد آهي ۽ ٻُڙو لفظ ڀٽائيءَ به ڪم آندو آهي.[
موليٰ مٿان مون، ٻُڙو لاهه مَ ٻاجھه جو. (شاھه)
مليل متن جو مفهوم نه سمجھڻ جي باوجود هي به ٻي صديءَ هجريءَ جو شعر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چواڻي: سنڌي زبان جي تاريخ بنسبت هڪ قيمتي وٿ آهي، ڇو جو مليل روايت موجب هي شعر سنڌ/ سنڌ جي زبان سنڌيءَ جو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ هڪ هزار سال اڳ جا ڪي بيت ڏنا آهن، جيڪي سنڌي ٿا لڳن. جھڙوڪ:
ڀلا هئا جو ماريا، ڀيڻ مهارو ڪنت،
لڄيج جو ويڻ سي، جو ڀڳا گهرانت.
اهو ساڳيو خيال اڳتي هلي اسان کي ڀٽ ڌڻيءَ وٽ هن ريت ملي ٿو:
ڀڳو آن نه چوان، جي ماريو تان وسهان،
ڪانڌ مُنہَ ۾ ڌڪڙا، سيڪندي سُنهان،
تـپـڻ لَــڄ مَــران، جـي هـونـس پـُـٺ ۾.
عرب دؤر (712- 1050ع) کان پوءِ سومرن جي حاڪميءَ (1050-1315ع) دوران ڪن روماني داستانن جو ذڪر ڪتابن ۽ روايتن ۾ اچي ٿو. ٻن ادبي اهڃاڻن ڏانهن به اشارا موجود آهن. اُنهن ۾ هڪڙا بيت سومرن جي جنگين بابت آهن، جيڪي هنن گُجرن/علاؤالدين جي لشڪر ۽ ڄام هالي سان ڪيون. اُنهن جو عرصو اندازًا 1150ع کان 1250ع آهي. هن باري ۾ ڀٽن، ڀانن ۽ سگھڙن جون ڳالهيون زباني روايتن مان تحرير ۾ آيون آهن. ڪي جنگين واري دور ۾ چيون ويون هونديون ته ڪي پوءِ جي سگھڙن ٻڌي چيون هونديون. سگھڙ هنن ڳالهين جا راوي آهن. جن جي روايتن، ڳالهه، قصي ۽ ڳاهن وغيره جو بنيادي ڍانچو ته ملي ٿو، پر سر بستي ڳالهه تي اعتبار ڪري ۽ اُن کي تاريخ ته سڏي نٿو سگهجي، پر سندن بيان ڪيل روايتن ۾ جيڪي بيان ٿيو، سو نيم تاريخي داستان چئي سگهجي ٿو.
پهريون سنڌي عروضي شاعر: سنڌ جي تاريخ تي سرسري نظر وجھڻ بعد خبر پوندي ته سنڌي ٻوليءَ ۾عروضي شاعري جو بنياد وجھندڙ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي آهي. سيد ثابت علي شاهه کان پهرين عروضي شاعري صرف سنڌ جا فارسي شاعر ڪندا هئا ۽ سنڌي بيت ڏوهيڙي ڪافي وغيره ۾ هوندي هئي. سيد ثابت علي شاهه اهو پهريون شاعر آهي جنهن عروض جي فن سان گڏوگڏ مرثيي جي صنف کي به سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو ۽ مرثيي جي فن کان پنهنجي شاگرد ميرزا مراد علي بيگ سائل کي به واقف ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ ۾ مرثيه جو پهريون شاعر سيد ثابت علي شاهه جو ۽ ٻيو ميرزا مراد علي بيگ سائل آهي. سنڌي ۾ غزل جو پهريون شاعر خليفو گل محمد آهي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي تصنيف ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته: ”سيد غلام علي شاهه لاڙ جو گمنام شاعر، ميرن جي ابتدائي دؤر ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪري ويو. هن بزرگ آخوند گل کان به اڳ غزلن ۾ حقيقي محبوب جي ساراهه ڪئي.“ هن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي غزل جو پهريون شاعر سيد غلام علي شاهه هو. ليڪن غزل واري صنف ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو