پهريون قرآن پاڪ جو ترجمو: قرآن مجيد آسماني چئن ڪتابن مان مقدس ۽ بابرڪت ڪتاب آهي. قرآن مجيد جيئن ته عربي زبان ۾ نازل ٿيو ۽ عربي زبان صرف عربن جي ٻولي آهي. ان ڪري ضرورت تحت قرآن مجيد جا ڪيترين ئي ٻولين ۾ مختلف وقتن تي ترجما ٿيندا رهيا آهن، پر سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو جنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، سا سنڌي ٻولي بيان ڪئي وئي آهي. بن شهريار'>بزرگ بن شهريار الرامهرمزيءَ پنهنجي تصنيف ”عجائب الهند“ ۾ لکيو آهي ته: ”دنيا جي ٻين سڀني ٻولين کان اڳ، قرآن مجيد جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو، اهو مهروڪ بن رائق راجا جي گذارش تي، منصوره (سنڌ) جي عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز جي حڪم هيٺ هڪ عراقي عالم ڪيو، اهو عراقي عالم سنڌ ۾ رهي، سنڌي ٻولي چڱيءَ طرح سکي چڪو هو. ان ترجمي جو راجا مهروڪ تي ايڏو ته اثر ٿيو، جو هو سورة يــٰسين جي هڪ آيت ”من يحيٰ العظام و هي رميم“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ تفسير ٻڌندي، تخت تان لهي اچي پٽ تي ويٺو ۽ خدا جي عشق ۽ خوف ۾ اکين مان نير وهائڻ لڳو.“ اها به روايت آهي ته قرآن پاڪ جي ٻين ٻولين جي ترجمي جي ”جائزيت“ جي فتويٰ حضرت امام ابو حنيفه ڏني هئي، جنهن جا وڏا سنڌي يا قديم سنڌ واري خطي سان تعلق رکندا هئا.