پهريون قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو: قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ جي ڌرتيءَ کي اهو بہ اعزاز حاصل آهي تہ قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو بہ سنڌ جي جيد عالم مخدوم سرور نوح رح ڪيو هو. فارسيءَ ۾ اهو ترجمو اهل فارس وارن کان بہ اڳ مخدوم نوح ڪيو. تاريخ تي نظر وجهڻ کان پوءِ اها خبر پوي ٿي تہ ڪن ماڻهن بنا تحقيق جي اهو ڄاڻايو آهي تہ قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين ننڍي کنڊ ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو شاھہ ولي ﷲ محدث دهلويءَ ڪيو آهي، جيڪا ڳالھہ درسـت نـه آهي، ڇو تہ مخدوم نوح رح 911 ھہ بمطابق 1506ع ۾ ڄائو هو ۽ سندس وفات 998ھہ بمطابق 1590ع ۾ ٿي هئي. جڏهن تہ شاھہ ولي ﷲ محدث دهلوي جي ولادت 1114ھہ بمطابق 1702ع ۾ ۽ وفات 1176ھہ بمطابق 1762ع ۾ ٿي. هنن سنن کي ڀيٽڻ کانپوءِ اهو واضع ٿي وڃي ٿو تہ برصغير ۾ سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو فارسيءَ ۾ ترجمو سنڌ جي عالم مخدوم نوح ڪيو ۽ اهو قرآن مجيد (فارسي ترجمي سان) سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي.