پهلوان، احسان سانڊاڻو: ملھہ پهلوان محمد احسان ولد سومر خان سانڊاڻو سال 1869ع ڌاري ٻُٽ سرائي تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. ٻهراڙي جي ماحول جو پليل احسان ڌنار هو. ملھہ وڙهڻ ۽ ڪوڏي ڪوڏي کيڏڻ سندس روزانو جو مشغلو هو. هن پهريون ملاکڙو ٻارهن سالن جي عمر ۾ خيرپور ناٿن شاھہ ۾ کيڏيو، هن ميلي ۾ پهرئين جوڙن جي ملھہ کيس ملھہ وڙهڻ نہ پئي ڏني، ڇو تہ هو عمر جو ننڍو هو. پر زميندارن جي زور تي ملھہ وڙهڻ جي اجازت مليس. انهيءَ ميلي ۾ هن پهرئين جوڙ جي ملهن سان ملھہ وڙهي سوڀ حاصل ڪئي. پوءِ هن سنڌ جي سڀني ميلن جھڙوڪ: ڀٽ شاھہ جي ميلي، سيوهڻ جي ميلي، جيڪب آباد جي ميلي وغيرہ ۾ ملهون وڙهيون. ان زماني ۾ ملھہ پهلوانن جو عروج هو ۽ سنڌ جا ناميارا نواب ڄام ڪانڀو خان، ڄام مٺا خان، مير علي نواز ٽالپر، مير خان جمالي'>جعفر خان جمالي ۽ مٽيارين جا سيد وغيرہ ملهن جا قدردان هئا ۽ اهي ملهن جي پالنا ڪندا هئا. اتر سنڌ جي ملهن جو اڪثر لاڙ جي شيدين سان مقابلو هوندو هو. ڪڏهن لاڙ جي شيدين جي تہ ڪڏهن اتر جي ملهن جي سرسي پئي ٿيندي هئي. پوءِ احسان سانڊاڻي شيدي ملهن کي ايترا تہ ڌڪ ڏنا، جو ان وقت لاڙ جا شيدي ملھہ ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا. احسان سانڊاڻو هڪ ڏينهن ۾ ڇھن ڇھن شيدي پهلوانن کي ملھہ ماري فتح حاصل ڪندو هو. سندس جوڙ جا ملھہ اقبال جوڳي، گل بيگ مستوئي، نواز علي پٺاڻ، محمد ماڃرائي، هوشو هالائي، ڪوڏو شيدي ۽ ٻيا لاڙ جا پهلوان هئا. هن هندستان جي مشھور پهلوان گاما پهلوان کي بہ ملھہ ۾ چئلينج ڪيو، پر گاما پهلوان کي ملھہ نہ ايندي هئي، ان لاءِ چئلينج قبول نہ ڪيائين. سانڊاڻي پهلوان بمبئيءَ جي هڪ جلسي ۾ ملھہ وڙهي زبردست فتح حاصل ڪئي. ان وقت جي وائسراءِ کيس وڏا انعام ۽ بندوق جو لائسنس ڏيڻ کان سواءِ سندس تاحيات وظيفو مقرر ڪيو. هي پنھنجي وقت جو تمام تيز رفتار ملھہ هو، اک ڇنڀ ۾ راند نبيريندو هو. 1928ع ۾ 58 سال مسلسل راند ڪندي عروج واري دؤر ۾ ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏنائين. هي جيترو قد ۽ بت ۾ مضبوط ۽ سھڻو پهلوان هو، اوتروئي سڀاءُ جو ڀلو هو. کيس هندستان ۾ پهرين نمبر جي ملھہ جو لقب مليل هو. هن عراق، ايران ۽ ڪربلا معليٰ جون زيارتون ڪيون. والد جي وفات بعد لاڙڪاڻي شھر جي باقراڻي روڊ تي ڀاءُ مهوال خان سانڊاڻي سان اچي رهيو.
محمد احسان ملھہ سان گڏ سٺو سگهڙ بہ هو. شاھہ جو رسالو گهڻي قدر ياد هئس. هي سدا ملوڪ پهلوان 103 ورهين جي ڄمار ۾ 1972ع ۾ وفات ڪري ويو. نادر علي ۽ غلام حيدر نالي ٻہ پٽ هئس.