پهلوان، فقير، ڊومڪي: پهلوان فقير ولد ٻڍي فقير ڊومڪي جو جنم 1880ع ۾ جيڪب آباد جي ڳوٺ رند واهيءَ ۾ ٿيو. هي هڪ صوفي شاعر ۽ خدا ترس فقير هو. شاعريءَ ۾ سندس استاد سيد رکيل شاھہ صوفي هو. هن سنڌي سان گڏ اردو، سرائيڪي، بلوچي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ پڻ صوفياڻي شاعري ڪيائين. سندس ڪلامن جو مجموعو ”دعوت العشق“ پٽس رند علي بلوچ 1983ع ۾ جيڪب آباد مان شايع ڪرايو. پنھل فقير 1358ھہ ۾ وفات ڪري ويو. سندس عرس هر سال مارچ مهيني ۾ سندس مرشد سيد رکيل شاھہ جي عرس کان پوءِ لڳندو آهي.