پوتِي: پوتي مٿي تي ڍڪڻ لاءِ زنانو ڪپڙو آهي، جنهن کي ’رئو‘ ۽ ’گندي‘بہ چيو ويندو آهي. پوتي عام طرح ٻن کان اڍائي ميٽرن تي مشتمل ڪپڙي جو ٽُڪر ٿيندو آهي. پوتيون گهڻو ڪري سنهڙي ۽ پيٺدار ڪپڙي جهـڙوڪ: ململ، رٻڙي، چڪني يا ٻئي اهڙي ڪپڙي مان ٺاهيون وينديون آهن.
شاھہ لطيف بہ ’پوتي‘ لفظ کي پنھنجي ڪلام ۾ ڳاتو آهي:
’پرٽ ٿينديس، پرين پُڇنديس، پڇاڙينديس پوتِ ، ’پوتي اوڍائڻ‘ سنڌي اصطلاح جي معنيٰ ڪنهن بہ عورت کي پوتي ڍڪائي، ’دين جي ڀيڻ‘ ڪرڻ بہ هوندو آهي.
’پوتي وجهڻ‘ اصطلاح جي معنيٰ ڪنوار جي مٿي تي گَندِي/ پوتي وجهڻ سنڌي رسم مطابق ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڪنهن ڇوڪري جي نالي ڪرڻ لاءِ پوتي وجهندا آهن.