پوتڙو: بوڇڻ، انگوڇو، گوڏ. عام طرح سنڌ جي اُتر واري علائقي ۾ خاص طور مرد چيلهه کان هيٺ پيرن تائين پوتڙو ٻڌنداآهن، پوتڙو، گوڏِ لاءِ ڪم ايندڙ سوا ٻن والن کان ٽن والن تائين ڊگهو ڪپڙو ٿيندو آهي، جنهن کي انگوڇو چوندا آهن. سوا وال يا ڏيڍ وال جو به پوتڙو ٿيندو آهي. سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ: هندستان، انڊونيشنيا، ملائيشيا، ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ ۾ گوڏ جو عام رواج آهي. سنڌ ۾ گوڏ جو رواج قديم زماني کان هلندو ٿو اچي. موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو رواج ان زماني ۾ به موجود هو. موهن جي دڙي جي هڪ مجسمي کي چيلهه تي هڪ ڪپڙو ’پهرڻ‘ جو ٻڌل آهي. هندن جي يجر ويد ۾ به اهڙي ڪپڙي پهرڻ جو ذڪر آهي، جنهن کي ’ديوپاوتيا‘ چيو ويو آهي، پوتڙو ان لفظ ’پاتيا‘ جي بدليل صورت معلوم ٿئي ٿو. پراڻي زماني ۾ اڇي ڪپڙي کي نير جي رنگ ۾ ٻوڙي تيار ڪيو ويندو هو. پوتڙي کي پاسن ۽ وچ تي ڊزائين ٺاهڻ لاءِ ڌاڳا ٻڌي پوءِ نير ۾ ٻوڙيو ويندو هو. نير مان ڪڍڻ کان پوءِ سُڪائي اهي ڌاڳا کوليا ويندا هئا ته ڊزائين ظاهر ٿي پوندي هئي. هينئر اهو رواج گهڻو گهٽجي ويو آهي. هينئر پوتڙن کي اُڻڻ وقت ئي مٿن مختلف ڊزائينون رٿيون وينديون آهن. اهي ڊزائينون ڪي پٽي واريون هونديون آهن ته ڪي ليڪي واريون، ڪي موٺڙي تي هونديون آهن ته ڪي چونڪڙيءَ تي هونديون آهن. ڪن تي وڏن ڀتين جي وچ تي راڪيٽ جي صورت وار اڇا ڪڪر هوندا آهن، جن کي راڪيٽ وار پوتڙا چيو ويندو آهي. ڪن کي وري هڪ رنگي وڏي ڪَنِي ٿيندي آهي، اهي پوتڙا اهڙيءَ اٽڪل سان اُڻيا ويندا آهن، جو چوڪڙيءَ واري پيٽي جو ليڪو وچ تي هوندو آهي، پر ڪنيءَ ۾ نه ايندو آهي. پوتڙا اڄڪلهه آڏاڻن ۽ کڏين کان سواءِ پاور لومن تي به تيار ٿين ٿا.