پوراني عبدالباقي جو مقبرو

پوراني، عبدالباقي جو مقبرو: عبدالباقي جو والد امير ميرڪ شاھہ با يزيد حسين جيڪو هرات جي هڪ ڳوٺ پوران مان 1521ع ڌاري مرزا شاھہ حسين سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو. مرزا شاھہ حسين کيس بکر جو گورنر مقرر ڪيو، پر پنھنجي فقيري مزاج سبب هن بکر جي گورنري پنھنجي پٽ عبدالباقي جي حوالي ڪري واپس هرات هليو ويو، جتي 1610ع ۾ وفات ڪيائين. هينري ڪزنس هن مقبري کي ڏٺو ۽ ذڪر ڪيو آهي. ان وقت (1934ع) ۾ مقبرو زبون حال هو، پر هن انهيءَ مقبري ۾ لڳل باقي ڪاشي جي سرن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي، ڇو تہ مقبري تي ڪاشي جو ٿيل ڪم ٻين مقبرن کان مختلف هو. اهڙو ئي ڪم خواجہ خضر جي آستاني تي بہ ٿيل آهي. روهڙي ۾ سندس درگاھہ جي ڏکڻ ۾ امير محمد مڪي جو مقبرو بہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو