پوراني ميرڪ سيد تقي الدين محمد

پوراني، ميرڪ سيد تقي الدين محمد: سيد تقي الدين، محمد بن عبدالاول جو ٽيون نمبر فرزند هو. هن 17 ربيع الاول 1062ھہ/ 17 فيبروري 1652ع ۾ جنم ورتو. ان وقت ميرزا لعل بيگ مغل سرڪار پاران بکر جو فوجدار مقرر هو. سيد تقي الدين پنھنجي سڄي زندگي پرهيزگاريءَ ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذاري، وڏو زاهد شخص هو. پاڻ پنھنجي وڏن وانگر حد درجي جو سخي ۽ درياھہ دل انسان هو. سندس درياھہ دليءَ ۽ سخاوت جي ڪري ئي کيس ان دور ۾ ”حاتم آخر زمان“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. ميرڪ تقي الدين درويشيءَ ۽ بزرگيءَ سان گڏ، وقت جي وڏن اميرن ۽ وزيرن سان چڱي ڏيٺ ويٺ رکندڙ هو، سير ۽ سفر جو شوقين هو. سير ۽ سفر دوران ملتان ۾ بہ ويو، جتي شادي ڪيائين، هن بزرگ پهرين شوال 1135ھہ/ 24 جون 1723ع ۾ وفات ڪئي. ڪنهن شاعر سندس وفات تي هي قطعه تاريخ چئي:
چون تقي الدين محمد زين جھان رحلت نمود
حـق تـعـالـيٰ داد ويـرا جـاي در الـخـلــود
سال تاريخ وفاتش راهمي جستم ز عقل
”عقل گفتا فوت اورا يوم عيد فطربود“
1135 ھہ


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1652.02.17  عيسوي

سيد تقي الدين، محمد بن عبدالاول جو ٽيون نمبر فرزند هو. هن 17 ربيع الاول 1062هه/ 17 فيبروري 1652ع ۾ جنم ورتو.


1723.06.24  عيسوي

سيد تقي الدين پهرين شوال 1135هه/ 24 جون 1723ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد عالم شاھہ
جاڙيجو جمعو درويش
فقير رسول بخش انڙ
جَڳُل مهيسر
ڌڱاڻو جتوئي
خلجي گهراڻو
طائي
تماچي
حاتم ٽالپر ڊاڪٽر
عبدالرزاق سومرو شھيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون