پوراني، ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني: ميرڪ سيد عبدالاول حسيني پوراني، ميرڪ محمد عبدالله جو وڏو پٽ هو، هن 17 صفر المظفر 1013ھہ/ 7 جولاءِ 1604ع تي هندستان جي شھر الھہ آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم الھہ آباد، لاهور ۽ آگري ۾ حاصل ڪيائين، ڇو جو ميرڪ عبدالاول اڃا هڪ سال جو مس هو تہ 1014ھہ/ 1605ع ۾ سندس والد کيس لاهور وٺي آيو ۽ جڏهن پنجن سالن جو ٿيو تہ پنھنجي پيءُ سان گڏ 1018ھہ/ 1609ع ۾ آگري ۾ اچي رهيو، ان کانپوءِ 1033ھہ/ 1623ع ۾ پنھنجي اباڻي وطن بکر اچي رهيو. ميرڪ عبدالاول جي ابتدائي زندگيءَ بابت ڪو بہ صحيح ۽ مستند احوال نہ ٿو ملي. ”ميرڪي ساداتن“ جي قلمي ڪتابن مان صرف اهو معلوم ٿئي ٿو تہ هي اعليٰ فضيلتن جو مالڪ ۽ وڏو عالم هو، کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي دسترس حاصل هئي. سندس دسترخوان تمام ڪشادو هوندو هو.
هن لاءِ روايت آهي تہ پنھنجي وقت جو وڏو داناءُ ۽ سياسي معاملن ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هو، مير صاحب جو مغل بادشاهن: شاھجھان ۽ اورنگزيب جي دور حڪومت ۾ وڏن ماڻهن، اميرن ۽ اڪابرن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ بکر جي فوجدار ۽ گورنر وٽ بہ سندس وڏو مان هو، هيءُ سکر جو ”شيخ الاسلام“ ٿي رهيو آهي، نواب مير يعقوب رضويءَ (ڪوٽائيءَ جو همعصر هو. ”ميرڪي سادات“ جي خانداني قلمي نسخن مان اها خبر پوي ٿي تہ سن 1051ھہ/1641ع ۾ ميرڪ عبدالاول کي شاھجھان بادشاھہ ديھہ کڏهڙي تعلقي روهڙيءَ ۾ گذران لاءِ جاگير جي سند ڏني هئي، جيڪا پوءِ اهليت جي عيوض سن 1071ھہ/ 1660ع ۾ اورنگزيب بہ جنهن کي بحال رکيو ۽ ان ۾ ڪجهہ اضافو بہ ڪيو هو، ميرڪ عبدالاول جي وفات 27 صفر المظفر 1093ھہ/ 26 فبروري 1682ع ۾ ٿي.
ميرڪ عبدالاول، سيد حسين بن عبدالله ترمذيءَ جي نياڻي بيبي شاھہ بيگم سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ: سيد محمد پوراني، سيد محمود پوراني، سيد تقي الدين محمد پوراني ٿيا، جيڪي پنھنجي وقت جا وڏا عالم ۽ اڪابر ٿي گذريا آهن. هن خاندان جو اولاد اڄ بہ روهڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ پوراني ساداتن جي نالي سان مشھور آهي.
1604.07.07 عيسوي
ميرڪ سيد عبدالاول حسيني پوراني، ميرڪ محمد عبدالله جو وڏو پٽ هو، هن 17 صفر المظفر 1013هه/ 7 جولاءِ 1604ع تي هندستان جي شهر الهه آباد ۾ جنم ورتو.
1682.02.26 عيسوي
ميرڪ عبدالاول جي وفات 27 صفر المظفر 1093هه/ 26 فبروري 1682ع ۾ ٿي.