پوراني، ميرڪ سيد عبدالباقي: ميرڪ عبدالباقي پوراني ولد ميرڪ محمود، پنھنجي پيءُ وانگر ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ ميرزا باقيءَ جي زماني ۾ شيخ الاسلام جي عهدي تي فائز هو. هيءُ وڏو عالم۽ مختلف علمن ۽ هنرن ۾ بي مثال هو. سندس آمدني گهٽ هئي، پر هر ايندڙ ويندڙ کي کاڌي پيتي کانسواءِ نہ ڇڏيندو هو. ميرڪ عبدالباقي پوراني ٺٽوي، علم حڪمت، فلڪيات ۽ اقليدس ۾ ماهر هو، مولانا عبدالخالق، هن کان ڪيترائي مشڪل سوال اچي حل ڪرائيندو هو، هن تحرير اقليدس ۾ ڪجهہ نيون شڪليون ايجاد ڪيون، جيڪي عالمن وٽ قابل قبول آهن، شاعريءَ تي بہ وڏي دسترس رکندو هو. هن 983 ھہ/ 1575ع ۾ وفات ڪئي.