پوراني، ميرڪ سيد عبدالوهاب ٺٽوي: مير عبدالوهاب بن ميرڪ بايزيد ٺٽي جي شيخ الاسلام ميرڪ محمود جو سڳو ڀائٽيو هو ۽ بکر مان هجرت ڪري اچي ٺٽي ۾ رهيو. هن ميرزا شاھہ حسن ارغون، ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ ميرزا محمد باقي ترخان جو سمورو زمانو ڏٺو. سندس مجلس هميشہ زندہ دليءَ ۽ علمي ذوق سان سرشار هوندي هئي، شاعريءَ جي فن ۾ مهارت رکندو هو. فقہ جي علم تي عبور هئس، ان ڏس ۾ ’جامع فتاويٰ پوراني‘ سندس تصنيف مشھور آهي. ميرزا شاھہ حسن کان جڏهن ميرزا ڪامران ابن بابر ميرزا سندس ڌيءَ ڪوچڪ بيگم جو رشتو گهريو، تہ اهو بہ ميرڪ عبدالوهاب جي مشوري سان طئہ ٿيو هو، پر ميرزا محمد باقي هڪ ظالم حڪمران هو، جنهن پنھنجي اميرن مان قاضي خميسي نالي هڪ شخص کي ميرڪ عبدالوهاب جي قتل لاءِ مقرر ڪيو. خميسي خان کي صلاح ڏني وئي تہ جڏهن ميرڪ عبدالوهاب عيدگاھہ مان عيدالفطر جي نماز پڙهي نڪري تہ کيس قتل ڪري ڇڏي. جڏهن ميرڪ عبدالوهاب عيد الفطر جي ڏينهن نماز پڙهي جماعت سان گڏ مڪليءَ کان شھر اچي رهيو هو تہ رستي ۾ ڪجهہ ماڻهن هن تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، ساڻس گڏ سندس سئوٽ ميرڪ عبدالرحمان ولد ميرڪ محمود بہ مارجي ويو، هيءُ واقعو 990 ھہ/1582ع ڌاري پيش آيـو.