پوراني ميرڪ سيد محمد

پوراني، ميرڪ سيد محمد: ميرڪ سيد محمد پوراني، ميرڪ سيد عبدالاول جو وڏو پٽ هو، هن 17 ربيع الثاني/ 6 جولاءِ 1640ع تي جنم ورتو. ان زماني ۾ مغلن طرفان مير سيد چاون بکر جو فوجدار هو. ميرڪ سيد محمد جي زندگيءَ بابت اها معلومات ملي نہ سگهي، تہ هن شاھجھاني دور ۾ زندگيءَ جون ابتدائي منزلون ڪيئن طئي ڪيون ۽ عالمگير جي دور ۾ ملازمت دوران ڪهڙن منصبن تي فائز رهيو. ميرڪ سيد محمد پوراني 1118ھہ/1706ع ۾ وفات ڪئي.
ميرڪ سيد محمد پورانيءَ ٺٽي جي ’ميرڪي سادات‘ مان شادي ڪئي. سندس گهر واري لاڏي بيگم ميرڪ سيد احمد جي نياڻي هئي، جنهن مان هن کي ٽي پٽ ٿيا، جيڪي ٽئي ننڍي هوندي فوت ٿي ويا، ان کان پوءِ ترت ئي سندس زال بہ فوت ٿي وئي. هن ٻي شادي پنھنجي چاچي جي ڌيءَ درويش بيگم سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻہ پٽ سيد احمد ۽ سيد علي ٿيا، ميرڪ سيد محمد جي گهرواري درويش بيگم 1115ھہ/ 1703ع ۾ وفات ڪئي، جڏهن تہ ميرڪ سيد محمد پورانيءَ ٽن سالن بعد 1118ھہ/ 1706ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1640.07.06  عيسوي

ميرڪ سيد محمد پوراني، ميرڪ سيد عبدالاول جو وڏو پٽ هو، هن 17 ربيع الثاني/ 6 جولاءِ 1640ع تي جنم ورتو.ميرڪ سيد محمد پورانيءَ ٽن سالن بعد 1118هه/ 1706ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
اظهر سولنگي
جوڻيجو سلطان احمد ڊاڪٽر
بھاءُ الدين بھائي
ڀٽو غلام رضا
پلي وڏيرو عبدالحڪيم
روشن علي خان ٻوڌراڻي
جسونت سنگهہ ۽ جئسنگهہ
قاضي فضل ﷲ
طيار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون