پوراني، ميرڪ سيد محمد احسن ٺٽوي: ميرڪ سيد محمد احسن وڏي علمي گهراڻي جو بزرگ هو، جنهنڪري منجهس موروثي علمي فضيلتون موجود هيون. جنهن زماني ۾ نادر شاھہ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ سنڌو نديءَ وارن علائقن کي دهليءَ کان ڌار ڪري پنھنجي قبضي ۾ آندو، ان وقت ميرڪ محمد احسن داغستان وڃي نادر شاھہ سان ملاقات ڪئيِ. ٺٽي جي شيخ الاسلام جو عهدو ختم ڪرائي ان جو پروانو پنھنجي نالي جاري ڪرائي ٺٽي پهتو. سيد محمد احسن 1167 ھہ/ 1753ع ۾ وفات ڪري ويو.