پورب (شاهه جو سُر): پورب لفظ جي لغت ۾ معنيٰ آهي: اوڀر، اُڀرندو، مشرق، اُڀرندي وارو ملڪ، ڀارت ۾ ڪانپور کان بهار تائين علائقو... (جامع سنڌي لغات، جلد-1، ص 615، 2004)، جڏهن ته ’پورب‘ شاهه جي رسالي جو هڪ سُر به آهي، جنهن جو راڳ- ڪلا سان واسطو آهي.
’پورب‘ سُر ۾ 12 ۽ 13 صدي عيسويءَ واري دور جي موحد فقيرن جي پس منظر جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏنل آهن، جاگرافيءَ جي لحاظ کان اهي علائقا، جيڪي بهار ۽ ڪانپور کان اڳتي گنگا نديءَ جي اورئين (پورب) طرف آهن، سي ’پورب ديس‘ ۾ آهن. سر پورب ۾ ان ديس جي ’پوربي فقيرن‘ جو ذڪر آهي، جيڪي هٺ يوگي/ جوڳي ۽ ناٿ پنٿي هئا. هن سُر ۾ رامڪلي سُر سان گهڻي مطابقت نظر اچي ٿي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو شاهه سائينءَ جي ڪيترن شارحن، سُر رامڪليءَ جا بيت، پورب ۾ ۽ پورب جا سُر رامڪليءَ ۾ رکي ڇڏيا آهن ۽ ڪن وري انهن کي ٻنهي سُرن ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ ريت ٻنهي سرن جي موضوعاتي هڪجهڙائيءَ سبب انهن جي موضوعاتي ورڇ ڪرڻ ڏکي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب، ڪتاب ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ هن سُر جو جيڪو پسمنظر بيان ڪيو آهي، ان جو تت هن ريت آهي:
13 کان 16 صدي عيسوي واري عرصي ۾ ’توحيد‘ جي عالمگير نظريي هيٺ هندو سماج ۾ ٻه مکيه اصلاحي تحريڪون: هٺ يوگي تحريڪ (1200ع) ۽ ڀڳتي تحريڪ شروع ٿيون. هٺ يوگي/ جوڳي، موحد هئا، وٽن ’گرو ۽ چيلي‘ جو تصور، تصوف جي ’مرشد ۽ مريد‘ وارو هو. پر هٺ جوڳين وٽ اڳتي هلي سڄو علم ۽ عقل جسماني ڪشالن (تپسيائن) تائين محدود ٿي ويو. ڀڳتي بنيادي طور محبت، پوڄا ۽ بندگيءَ جو مفهوم رکي ٿي، جيڪا پهرين ادويت (بغير دوئي) يعني هڪ طرح ته توحيدي فلسفي سان شروع ٿي، پر پوءِ اُن ۾ ڪرشن پوڄا ۽ رام پوڄا جا تصور شامل ٿيا، پوءِ به ان جو هڪ اهڙو گروهه هو، جنهن وٽ ’رام‘ جي نالي ۾ واحد خدا جي پرستش موجود هئي. سنڌ جي مسلمان صوفين جوڳ وارن جوڳين ۽ ڀڳتيءَ جي ڀڳتن جو قدر ڪيو ۽ جوڳ ۽ ڀڳتيءَ کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو ۽ حقيقي ’ناٿ‘ ۽ حقيقي ’رام‘ سان عقيدت جو سبق ڏنو. موضوع جي مناسبت سان ڳائڻ لاءِ هند جي راڳن، خاص ڪري پُوروَ (پوروي/ پوربي)، رامڪلي ۽ جوڳيا کي مناسب سمجهيو ويو. انهن راڳن تي سنڌ اندر سنڌي راڳن جو اثر پيو ۽ انهن کي مقامي صورت ۾ ڳايو ويو، جنهنڪري نوان راڳ ٺهيا، جيڪي ’سنڌي رامڪلي‘، ’سنڌي جوڳيا‘ ۽ ’سنڌي پورب‘، جي نالي سان نروار ٿيا. شاهه جو هي سُر ’پورب‘ اُها صورت آهي.
سُر پورب ۾ ڪل ٻه داستان آهن. شاهه سائينءَ پورب ڏانهن اسهندڙن ’پوربين‘
جي سڪ، محبت، صحبت ۽ سنگت واري ماحول کي چٽي سندن خالي پيل مڙهين، ماڳن ۽ مڪانن کي ياد ڪرڻ، سندن سفر تي اسهڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ درد ۽ فراق واري حالت کي سُر پورب ۾ بيان ڪيو آهي. ان کان سواءِ وڏي سوامي (گروءَ) جي تمثيل هيٺ حق جي طالب کي سلوڪ جي طور طريقن ۽ آدابن کي پوري ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي ۽ سالڪ کي چڱيءَ ريت تنبيهه ڪئي آهي ته هو گرو/ مرشد جي طريقي جي پوريءَ ريت پيروي ڪري، پنهنجا فرض پورا ڪري.
سُر پورب سالڪن ۽ سندن منزل مقصود تي پهچڻ جو سُر آهي:
’پوربيا‘ پوري ويا، آسڻ آڌيءَ رات
سُيم نه سنياسين جون، پچارون پرڀات
ڪا جا جوڳيءَ ذات، مٽ نه معذور جا.
مٿي راهه روان ٿيا، ’پورب‘ پوريائون،
هي گهر گهوريائون، آڳانڍيائون اڳيان.
(ڪلياڻ آڏواڻي، داستان 2، بيت 4)
سامي چائيي، سُک طلبئين، سکئين نه سامي!
ڃا اورئين پنڌ ۾، ويٺين وِسامي،
’گُر‘ کي تون نه گڏئين، چائِين انعامي،
دائم مُدامي، پورو رهج پرينءَ سين!
(ڪلياڻ آڏواڻي، داستان ٻيو، بيت 1)