پورس: راجا پورس، چوٿين صدي قبل مسيح ڌاري سنڌو ماٿريءَ جو هڪ طاقتور حڪمران هو. سڪندر مقدوني سنڌو سلطنت جا ست وڏا ملڪ ۽ ٻہ هزار شھر پنھنجي حڪمرانيءَ ۾ شامل ڪيا هئا، ان حساب سان ذري گهٽ موجودہ پاڪستان جو سڄو علائقو ان ۾ شامل هو.
راجا پورس اوائل ۾ سڪندر مقدونيءَ جي فوج سان وڏو مقابلو ڪيو هو. تنهن دؤر ۾ هن سڄي علائقي ۾ ننڍيون ننڍيون خودمختيار رياستون هيون، جن جو پاڻ ۾ ڪو بہ بهتر لاڳاپو موجود نہ هوندو هو. اُتر هندستان جا راجا، سڪندر مقدونيءَ سان ان ڪاھہ ۾ گڏ هئا. سڪندر بھار جي موسم (مارچ) ۾ سنڌو نديءَ تي جوڙيل پل تي پهتو ۽ سنڌوءَ جي نظاري جي سحر ۾ اچي ويو. هن جي زال روشنڪ اتي ايشيائي درٻاري شان ۽ شوڪت سان تفريح ڪري رهي هئي. هوءَ هاٿيءَ تي سوار هئي ۽ خواجہ سرائن جي هڪ ٽولِي ساڻس گڏوگڏ هلي رهي هئي ۽ هيرن جواهرن ۾ جهنجهيل هڪ مجسمو لڳي رهي هئي. شروعات ۾ سڪندر مقدونيءَ، سنڌو نديءَ کي نيل درياھہ جو مُنڍ سمجهيو ۽ اهڙو هڪ خط پنھنجي ماءُ ڏانهن بہ لکي اُماڻيو هئائين. سڪندر جڏهن ٽيڪسيلا پهتو تہ اُتي جي راجا ۽ ماڻهن سندس وڏي آجيان ڪئي، اهو راجا امڀي، راجا پورس جو سخت مخالف هو. راجا امڀيءَ وارو علائقو موجودہ هزاره، والاريل ڪشمير، اسلام آباد ۽ پنڊيءَ تي ٻڌل هو. جڏهن تہ راجا پورس جي حاڪميت وارو علائقو، ان کان هيٺ سنڌو سلطنت جو سمورو علائقو هو.
سڪندر جڏهن ٽيڪسيلا مان نڪري سنڌو ندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين وارا علائقا فتح ڪرڻ جو پھہ ڪيو تہ راجا پورس، سنڌو ۽ جھلم ندين جي ميداني علائقن ۾ مقابلي جي تياري شروع ڪئي. مقدوني فوجن درياھہ اُڪرڻ دوران چالاڪي ۽ عياريءَ کان ڪم ورتو. هو درياھہ جي ٻيءَ ڀر تي هيڏانهن هوڏانهن چرپر ڪندا، اٽڪل 18 ميلن جي علائقن ۾ ڪيترن ڏينهن تائين ڦرندا رهيا. راجا پورس کي ان چرپر مان اهو انومان ٿيو تہ سڪندر جي فوج سندس هاٿين، سوارن ۽ پيادن واري عاليشان فوج کان ڊڄي وئي آهي، ان ڪري هو رات جي وڳڙي ۾ سڪندر جي فوج پاران درياھہ اُڪرڻ واري خدشي کان بي اونو ٿي ويو. ان وچ ۾ سڪندر جي فوج جي قيام گاھہ کان اٽڪل 18 ميل پري ٻہ درياهيءَ جي وچ ۾ بيٽاڙي تي هڪ گهاٽو ٻيلو ۽ پرينءَ ڪنڌيءَ تي وڏي وڻراھہ وارو اهڙو مقام ملي ويو، جتان هو لِڪ ۾ درياھہ اُڪري سگهيا ٿي. ان وچ ۾ ٽيڪسيلا جي راجا امڀيءَ پاران 5000 سپاھہ مقدونين جي مدد لاءِ پهچي ويو. ايس. آر. اسٽين جي خيال ۾ سڪندر مقدونيءَ جي فوج جتان درياھہ اُڪري هئي، سا جڳھہ موجودہ جلال پور آهي ۽ سندس فوجي وانڍ (ڪئمپ) واري جڳھہ هرڻ پور هئي. ان رات انهيءَ ماڳ تان ٻيلن جي اوٽ وٺي هنن سڀني گڏجي سنڌونديءَ کي پار ڪيو ۽ اها خبر راجا پورس جي جاسوسن کي تڏهن پئي، جڏهن مقدوني فوج درياھہ اُڪري ڪناري تي پهچي چڪي هئي. سڪندر سان گڏ سندس محافظ فوجي آفيسر ٽالمي، پرڊيڪس، لاسي مئڪس ۽ سليوڪس گڏ هئا، جن مان سليوڪس، پوءِ مقدونيا جو بادشاھہ بڻيو.
سڪندر جي 6000 پيادل فوج ۽ 5000 گهوڙي سوار تير انداز خاص جنگي رٿابنديءَ سان اڳتي وڌڻ لڳا. ان ڏس ۾ ارسٽوبيولس جو بيان آهي تہ سڪندر جي فوج سان پهريون مقابلو راجا پورس جي پُٽ 60 جنگي رٿن سان ڪيو، جڏهن تہ ٽالميءَ جو بيان آهي تہ راجا پورس جي پٽ سان 2000 تير انداز گهوڙي سوار ۽ 120 جنگي رٿ شامل هئا. راجا پورس جي پٽ جي فوج ان رات تمام گهڻي برسات سبب گپ چِڪ ۾ ڦاسي پئي ۽ جنگي رٿن وارو حصو جنگ لاءِ ڪارگر نہ رهيو، تڏهن بہ هن مقابلو ڪيو ۽ 400 سپاھہ سان گڏ وطن تان جان فِدا ڪري ڇڏيائين.
راجا پورس پُٽ جي جهونجهارڪي جهيڙي ۾ مارجڻ جي خبر ٻڌي 4000 گهوڙي سوار، 300 جنگي رٿن، 200 هاٿين ۽ 30000 هزار پيادل سپاھہ سان گڏ مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو. ان جنگ ۾ پورس 200 هاٿين کي اڳيان رکيو ۽ وچ وارين وٿين ۾ فوج جي ٻنهي ٻانهين تي پيادل فوج مقرر ڪئي ۽ چوڌاري جنگي رٿ هئا. ان جنگ ۾ سڪندر جي فوجين پورس جي فوج جي هاٿين ۾ ٽاھہ وڌو، جن پوئتي موٽي پنھنجي ئي فوج کي لتاڙي ماريو. راجا پورس زخمي هاٿيءَ تي ويٺي وڙهندو رهيو ۽ نيٺ گرفتار ٿيو. سڪندر گرفتاريءَ کان پوءِ کانئس پڇيو تہ ساڻس ڪهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي؟ هن راجائي هٺ، فخر ۽ لاپرواهيءَ سان وراڻيو: ”جيڪو بادشاھہ، بادشاهن سان ڪندا آهن.“ سڪندر، راجا پورس جي جواب ۽ شخصيت کان متاثر ٿي، سندس حڪومت کي بحال رکيو ۽ کيس سنڌو ماٿريءَ جي ستن ملڪن ۽ 2000 شهرن جو حاڪم بڻايو.