پورهاڙو

پورهاڙو: پورهاڙو ٻوٽي نما گاھہ آهي. هن جون تارون ٿلهيون ٿينديون آهن. هي جهرڻيا ول جهڙو سنگ جهليندو آهي. هن جي پاڙ زمين ۾ برش وانگر پکڙيل هوندي آهي. هي گاھہ ڍڳيون ۽ مينهون کائينديون آهن. هن جي تارن/ ڪاٺين مان ٻهاريون بہ ٺاهيون وينديون آهن. هن جي پاڙن ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي. اڳ ۾ ٿر جون سڄاڻ عورتون پنهنجا کير ۽ ڌؤنري وارا ٿانو ڌوئڻ لاءِ انهن پاڙن جون مُيون يا موڙو استعمال ڪنديون هيون تہ جيئن ٿانو وڌيڪ صاف ٿين.


لفظ پورهاڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو