
پورچوگال
پورچوگال (Portugal): پورچوگال ڏکڻ اولھہ يورپ جو هڪ جمهوري ملڪ آهي، جنهن جو سرڪاري نالو ’ري پبليڪا پورتوگيزا‘ (Republic of Portugal) آهي. هن ملڪ جو نالو قديم رومي بندر، پورتس ڪال (Portus cale) مان نڪتل آهي، جنهن کي رومين ڊورو درياھہ جي ڪناري تي آباد ڪيو. هي ملڪ ٻيٽ نما آئيبيريا جي اولھہ واري حصي ۾ آباد آهي. پورچوگال جي اتر اوڀر ۾ اسپين ۽ ڏکڻ اولھہ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهن. پورچوگال جي ڪل ايراضي 88,940 چورس ڪلوميٽر آهي. 2007ع جي انگن اکرن موجب هن ملڪ جي آبادي 10,148,259 آهي. پورچوگال جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر لزبن آهي، جنهن جي آدمشماري 20 لک آهي ۽ ان جي ٻين وڏن شهرن ۾ اورپورٽو، ڪوئمبرا، فارم، سيٽويل، براگا، ايلواس، ليريا، ولانو، واڊي گايا، بيجا ۽ پراگانگا اچي وڃن ٿا. پورچوگال جي ماڻهن جي ٻولي پورچوگالي (اسپيني) آهي. هتي گهڻي ڀاڱي رومن ڪئٿولڪ فرقي جا عيسائي مذهب جا ماڻهو رهندا آهن. هن ملڪ جو سڪو ’اسڪودو‘ آهي. ٽيگس درياھہ پورچوگال کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، اتر وارو حصو ڪوهستاني ۽ ڏکڻ وارو ميداني آهي. پورچوگال جي قومي آمدنيءَ جو 7.18 حصو زراعت تي دارومدار رکي ٿو. هتان جي زرعي پيداوار ۾ زيتون، ڪڻڪ، مڪئي،بيٽ، پٽاٽا، چانور، انگور، چڻا، ميوا، ڀاڄيون شامل آهن. هن ملڪ ۾ چوپايو مال وڏي تعداد ۾ موجود آهي. چوپايو مال ۽ شراب بہ هتان جي پيداوار ۾ شامل آهي. هن ملڪ جي مکيہ معدنيات ۾ ڪوئلو، ٽامو، يورينيم، ٽينگسٽن، لوھہ ۽ پائرائيپ اچي وڃي ٿي ۽ مکيہ صنعتن ۾ ڪپڙو، بجليءَ جي مشنري، ڪارڪ، بوٽ، ڪيميائي شيون، شراب، ڪاغذ، تيل جي صفائي، سيمينٽ، لوھہ، سياحت ۽ ماهيگيري شامل آهن. هتان جي موسم گرم گهميل پر خوشگوار آهي. گرمين ۾ موسم خشڪ هوندي آهي. هن ملڪ جي اچ وڃ جي وسيلن ۾ قومي هوائي ڪمپني ”ايئر پورچوگال“ (13 هوائي اڏا) آهي ۽ هتي لزبن، سيٽويل ۽ ليڪسوس ٽي وڏا بندر آهن.
1910ع ۾ پورچوگال ۾ انقلاب آيو. 1911ع ۾ آئيني اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون، ان ئي سال نئون لبرل آئين منظور ٿيو. 1940ع ۾ جپان پورچوگال جي سمنڊ پار علائقي تيمو تي قبضو ڪيو، 1961ع ۾ ڀارت هن ملڪ جي گوا، ڊيوي، ڊامائو ٻيٽن تي قبضو ڪيو. 1975ع ۾ پرتگالي تيمور تي انڊونيشيا قبضو ڪيو. 1976ع ۾ هتي نئون آئين نافذ ٿيو. 1999ع ۾ پورچوگال مڪاڻو جو علائقو چين جي حوالي ڪيو. 2002ع ۾ جوز مينوئل ڊيورائو بيروسو وزيراعظم چونڊجي آيو. پورچوگال هڪ آزاد ۽ خودمختيار جمهوريه آهي، جتي صدارتي ۽ پارلياماني نظام حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. صدر عوام جي ووٽن سان 5 سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي، حڪومت جو اڳواڻ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو وزيراعظم آهي. ملڪ جي 81 ضلعن جو اڳواڻ گورنر هوندو آهي، جنهن کي صدر نامزد ڪندو آهي. پورچوگال جي ضلعن ۾ (1) آويــرو، (2) بيـجـا، (3) بـراگ، (4) بـراگنـگا، (5) ڪـوئمـبـرا، (6) ايوورا، (7) ڪاسٽيلو برانڪ، (8) فارو، (9) گوارڊا، (10) ليري، (11) نربن، (12) اوپورٽو، (13) پورٽا لاليگري، (14) سانتار، (15) ميٽوبل، 16) وياناڊو ڪاسٽيلو، (17) ولارئيل ۽ (18) ويو شامل آهن، هن وقت پرتگال جو صدر اينبيل ڪويڪوسلوا (Anibal Cavacosilva) ۽ وزيراعظم جوز سوڪريٽ (Jose Socrate) آهي.