پولار: زمين ۽ آسمان جو درمياني مفاصلو، قديم پنجن عنصرن (هوا، باھہ، پاڻي، مٽيءَ ۽ پولار) مان هڪ عنصر. پولار اهو هنڌ آهي، جنهن ۾ ڪا بہ مادي شيءِ موجود نہ هجي. ليڪن پر عملي طرح ڪامل پولار پيدا نہ ٿي سگهيو آهي، ڇو تہ ڪنهن حد تائين اهڙي وٿي پيدا ٿئي ٿي جو ڪجهہ دير کان پوءِ اها خالي جاءِ هوا جي داٻ سان ڀرجي وڃي ٿي. پولار پيدا ڪرڻ جا ڪيترا مصنوعي طريقا عمل ۾ آهن، جھڙوڪ: بند فضا مان هوا خارج ڪرڻ جا پائيپ ٺاهيا ويا آهن. خلا ۾ سفر ڪرڻ وارن لاءِ ٽيوب لائيٽن، ٿرماسن ۽ بوتلن وغيرہ ۾ خال پيدا ڪري ڪم ورتو وڃي ٿو.