
پولو
پولو: پولو اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي راند آهي. هيءَ راند پاڪستان جي اترين ضلعن ۽ فوج ۾ عام کيڏي ويندي آهي. پولو راند چين، وچ ايشيا ۽ برصغير جي گهوڙي سوارن ايجاد ڪئي هئي. ان کان پوءِ هن راند کي قديم ايرانين، عربن، مغلن، منگولن ۽ چينين اختيار ڪيو. ايران ۾ بہ هيءَ راند کـيـڏي ويـنـدي هـئـي. فـارسـيءَ جـي مشـهـور شـاعـر فـردوسـيءَ پنـهنـجي ڪتاب ”شاهنامه“ ۾ پڻ پولو جو ذڪر ڪيو آهي. برصغير ۾ مغل شهنشاھہ جھانگير جي زال بيگم نورجھان پولو راند جي هڪ ماهر رانديگرياڻي هئي. لاهور جي عجائب گهر ۾ مغل دور جي هڪ تصوير ۾ مغل عورتن کي پولو کيڏندي ڏيکاريو ويو آهي. ان مان ظاهر آهي تہ پولو راند مغل شاهي عورتن جي بہ پسنديدہ راند هئي. پولو چينين جي بہ شاهي راند هئي. جپانين هيءَ راند چين کان سکي هئي. اٺين صدي عيسويءَ ۾ وچ ايشيائي ماڻهن کان عربن هيءَ راند سکي. برصغير ۾ برطانوي دور ۾ پولو جي باقاعدي تنظيم سازي ڪئي وئي. پاڪستان پولو ايسوسيئيشن جي ڪوششن سان هيءَ راند اڃا تائين زندہ آهي.