پوليس باغ لاڙڪاڻو

پوليس باغ لاڙڪاڻو: هيءُ باغ لاڙڪاڻي شھر ۾ شاهي بازار جي اولھہ پاسي کان هو. باغ جي وچ ۾ هڪ عاليشان مينار ٺهيل هو، جنهن ۾ وقت ڏيکارڻ لاءِ وڏو گهڙيال نصب ٿيل هو. هي باغ لاڙڪاڻي واسين جو مشھور تفريح گاھہ هو، جتي شام جو ماڻهن جا ميلا لڳندا هئا. هي باغ ورهاڱي بعد آهستي آهستي پنهنجو اوج وڃائيندو ويو. هن وقت هن باغ جو ڪو نالو نشان ناهي. هينئر باغ جي جاءِ تي لاڙڪاڻي جي مشھور بازار ڪينيڊي مارڪيٽ ٺاهي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو