پوليو
شهيد بينظير ڀٽو هڪ ٻار کي پوليو جا فڙا پياريندي
پوليو
پوليو (Polio Mellitus): هيءَ هڪ قسم جي بيماري آهي، جيڪا وائرس ذريعي جسم ۾ پيدا ٿيندي آهي. هن وائرس جا جيوڙا جيڪي گول ڇلن وانگر هوا مان هڪڙي ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين ڦهلجي بيماري پکيڙيندا آهن. هيءَ بيماري جسم ۾ رت جي نالين مان ٿيندي، تنتي سرشتي تائين پهچي ٿي. هيءَ بيماري بخار، مٿي جي سُور، بدهضمي، الٽين، نڪ ۽ چيلهه جي آڪڙ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا انساني معذوريءَ جو سبب بڻجي ٿي.
پوليو يوناني (Greek) ٻوليءَ جي لفظن Polio’s- Myeliositis جو وچور آهي. Polio’s جي معنيٰ آهي Grey، يعني ڪنهن عضوي جو سُڪي وڃڻ، يا کري پوڻ ۽ Myelo’s جي معني آهي Spinal Cord، يعني مغزي ڏوري. جڏهن ته ٻنهي لفظن کي ملائي پڙهبو ته ان جو مقصد ٿيندو: اهڙي بيماري، جنهن ۾ مغزي ڏوري سُڪي وڃي، يا کَري پوي. هن يوناني لفظ مان انگريزي لفظ Polio-Myelitis ورتو ويو آهي، جنهن جي به لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ آهي يعني مغزي ڏوريءَ جي اهڙي بيماري، جنهن ۾ ڪرنگهو (Sine) سُڪي وڃي يا کَرِي پوي. هن بيماريءَ جي پراڻي تاريخ تي نظر وجهبي ته مصر جي دڙن جي کوٽائي مان (1365-1453 ق. م) جا جيڪي چٽساليءَ وارا ڊگها پٿر (Stele) لـڌا آهن، تن تي چٽيل تصويرن مان صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته صحتمند ماڻهن جا مٿيان عضوا تندرست آهن. پر سندن هيٺيان لِڱ ڏُٻرا ۽ سُڪل آهن، ۽ ننڍن توڙي وڏن ٻارن جون ٽنگون به سُڪل آهن؛ تنهنڪري اُهي لٺ جي آڌار تي هلندي ڏيکاريا ويا آهن. جنهن جو مطلب ته هيءَ بيماري قديم مصر ۾ به عام هئي.
1789ع ۾ هڪ انگريز فزيشن مائيڪل انڊروڊ Dr. Michael Underwood پهريون ڀيرو ٻڌايو ته پوليو هيٺين ڌڙ جي ڪمزوريءَ (Debility) جي بيماري آهي. هڪ ٻئي ڊاڪٽر جيڪب هيني (Dr. Jacob Heine) سن 1840ع ۾ ٻڌايو ته پوليو جي بيماري هيٺئين ڌڙ جو اڌ رنگ (فالج: (Paraplegia آهي، پر ميڊيڪل سائنس جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ 1908ع ۾ ڊاڪٽر ڪارل لينڊ اسٽينر (Dr. Karl Landsteiner) پوليو جو وائرس ڳولي لڌو ۽ هن دنيا وارن اڳيان ثابت ڪيو ته پوليو جي بيماري نه هيٺئين ڌڙ جي ڪمزوريءَ جي ڪري ٿئي ٿي. نه وري هيٺئين ڌڙ جو اڌ رنگ آهي؛ پر پوليو هڪ الڳ بيماري آهي، جيڪا پوليو وائرس (Polio virus) جي ڪري ٿئي ٿي.
پوليو جي بيماري نهايت خطرناڪ ۽ پکڙجندڙ بيمارين مان آهي. جيڪا هڪ مريض کان ٻئي مريض تائين پـوليو وائرس (Polio Virus) جـي ذريعي پکڙجي ٿي. پوليو جو وائرس مريض جي جسم جي تنتي سرشتي جي اوڄن (Nerves Cells (Motor Neurons) تي حملو ڪري مريض جي جسم جا عضوا کاري يا جڏا ڪري وجهندو آهي. هيءَ بيماري عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي. پر گهڻي ڀاڱي ٽن کان پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾، ٻين عمر وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 90 سيڪڙو وڌيڪ ٿئي ٿي. دنيا جي تاريخ ۾ ٻارن جا عضوا جيترا هن بيماريءَ جڏا ڪيا، ۽ کاريا آهن، شايد ڪنهن ٻي بيماريءَ ايترا ٻارن جا عضوا کاريا ۽ جڏا ڪيا هجن.1952ع ۾ هڪ محسن انسانيت ڊاڪٽر جوناز سالڪ (Dr. Jonas Salk) پوليو جي بيماريءَ کي اڳواٽ روڪڻ لاءِ احتياطي اُپائن لاءِ پوليو جي وائرس (مئل وائرس) مان سُئي ايجاد ڪئي، جنهن تي وڌيڪ تجربا ڪري هن سن 1955ع جي 15 اپريل تي سُئي جا عمر جي حساب سان وزن مقرر ڪري پوليو ويڪسين (Polio Vaccine) کي دنيا ۾ ٻارن لاءِ عام ڪيو. بعد ۾ هڪ ٻئي قابل ڊاڪٽر البرٽ سابن (Dr. Albert Sabin) سن 1957ع ۾ ساڳي سُئيءَ مان ڦڙا ايجاد ڪيا، جن ڦڙن تي وڌيڪ تجربا ڪري سن 1962ع ڌاري پوري دنيا جي ٻارن کي ڦُڙن پيارڻ جو لائسنس حاصل ڪيو. هنن ٻنهي لائق ڊاڪٽرن جي محنت سان هينئر سڄي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٻارن جي هيءَ بيماري (پوليو) مڪمل طور ختم ٿيندي پئي وڃي. پاڪستان ۾ به ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارا وڃن ٿا، پر ان هوندي به هيڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي نه ڪٿي هيءَ بيماري پوليو جي ڦڙن پيتل ٻارن کي به ٿي پَوي ٿي، جنهن جو سبب هڪ ته ٻارن کي مدي خارج پوليو جا ڦڙا پيارڻ آهي، ٻيو مائٽن طرفان بي ڌيانيءَ سبب ٻارن کي وقت تي ڦڙن جا پورا وزن نه پيارڻ آهن ۽ اڌ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ڇڏي ڏيڻ پڻ ان جو سبب بڻجي ٿو.
(ب) بيماري ٿيڻ جو سبب (Aetiology): پوليو جي بيماريءَ ٿيڻ جو بنيادي سبب پوليو وائرس (Polio Virus) آهي، جيڪو مريض جي جسم ۾ وات مان کاڌي جي شين يا پاڻيءَ جي ذريعي داخل ٿي ننڍي آنڊي (Small Intestine) ۾ پهچي واڌ ويجهه ڪندو آهي، پوليو جو وائرس هڪ ڀيرو آنڊي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ واڌ ويجهه دوران رت جي وهڪري (Blood Strea) ۾ داخل ٿي دماغ جي تنتي سرشتي جي مرڪز تي حملو ڪندو آهي، جتان جسم ڏي هيٺ تنتي تاندورن (Nerve Fibers) جي ذريعي پکڙبو آهي. پوليو جو وائرس جيئن واڌ ويجهه ڪندو آهي ته تنتي اوڄن (Nerve Cells/ Moto Neurons) کي به تباهه ڪندو آهي. جيڪي جسم جي مختلف عضون جي مشڪن جو نظام هلائيندا آهن. ان ڪري جوکم هيٺ آيل مشڪون پنهنجو قدرتي (طبعي) عمل برقرار رکي نه سگهنديون آهن.
(ٻ) پوليو وائرس جي واڌ ويجهه جا ذريعا (Breeding Means of P.V): پوليو جي وائرس (P.V) جا ننڍي آنڊي ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ ٻيا به ڪجهه اهم ذريعا آهن، جتي هيءُ وائرس واڌويجهه ڪري ٿو، جھڙوڪ: (i) پوليو جو وائرس مريض جي وات ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ پيئڻ جي بيٺل پاڻي (ڀلي اهو ڇو نه واٽر سپلاءِ جو پاڻي به ٿي سگهي ٿو) ۾ واڌ ويجهه ڪري ٿو ۽ ان ناقص پاڻي پيئڻ دوران مريض جي پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو، جتي اڃا به وڌيڪ واڌ ويجهه ڪري ٿو.
(ii) پاروٿي رکيل کاڌي (فرج ۾ رکيل کاڌو به شامل هوندو آهي) ۾ پوليو جو وائرس واڌ ويجهه ڪري ٿو ۽ اُهو روڳي کاڌو کائڻ دوران هيءُ وائرس مريض جي پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو، جتي اڃا به وڌيڪ ننڍي آنڊي ۾ واڌ ويجهه ڪري ٿو.
(iii) ڪلين جي آپريشن ڪرائڻ (Tonsillectomy) کانپوءِ هن وائرس لاءِ آسانيءَ سان دروازو کلي پوندوآهي ته مريض جي پيٽ ۾ هليو وڃي ۽ اُتي وڃي واڌ ويجهه ڪري. ياد رهي ته ڪليون قدرت طرفان انسان کي مليل اهڙا غدود آهن، جيڪي انيڪ قسم جي جيوڙن ۽ وائرس کي پيٽ يا ٻين عضون ڏي داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ڳهي ناس (Phagocyte) ڪري ڇڏيندا آهن. هي غدود اندروني عضون جي بيماريءَ کان بچاءَ جا چوڪيدار آهن. مائٽن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهيءَ ڪري ٻارن جون ڪليون هر هر سڄي پونديون آهن ۽ انهن ۾ سوزش ٿي پوندي آهي. هر هر ڪليون سڄڻ ڪري اُهي ايتريون وڌي وينديون آهن، جو مائٽ ٻارن جي روز روز جي آزار کان تنگ ٿي ٻارن جي ڪلين جو آپريشن ڪرائي ڪليون ڪڍرائي ڇڏيندا آهن. ائين ڪرڻ سان مائٽ ٻار جو ڪيڏو وڏو نقصان ڪندا آهن، ان جو اندازو لڳائي نٿو سگهجي.
(iv) هن بيماريءَ جو وائرس اونهاري ۽ سرءَ جي موسم ۾ وڌيڪ واڌ ويجهه ڪندو آهي ۽ ٻين موسمن جي ڀيٽ ۾ هنن ٻن موسمن ۾ حملو به وڌيڪ ڪندو آهي، ۽ هيءَ بيماري زور به هنن ٻن موسمن ۾ وڌيڪ وٺندي آهي.
(ڀ) پوليو جون علامتون (Clinical Symptoms): شروع ۾ مريض کي بخار ٿيندو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن لاڳيتو هلندو آهي. انهيءَ وچ ۾ مريض جو بدن نستو ۽ لڳڙو ٿي ويندو آهي. بخار سان گڏ مٿي ۾ سور ۽ الٽيون ٿينديون آهن. مرض جڏهن اڳتي وڌندو آهي ته مريض جي ڳچي آڪڙجي ويندي آهي ۽ سڄي بدن جي عضون ۾ پيڙ وارو سور ٿي پوندو آهي ۽ آخر ۾ پوليو جي پختي علامت مريض ۾ ظاهر ٿيندي آهي ته مريض جي هڪ عضوي يا گهڻن عضون جي مشڪن جي ٻنڌڻن (Tendons) مان آهستي آهستي قدرتي رد عمل (Reflexes) گهٽجي ويندو آهي، يا ختم ٿي ويندو آهي. نتيجي ۾ اُهو عضوو يا عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ بلڪل فالج واري صورت وٺي بيهندا آهن. پوليو جون علامتون گهڻو ڪري ڊاڪٽر جي تجربي ۽ ڏاهپ جي آڌار تي سڃاتيون وينديون آهن.
(ت) بيماريءَ جي اوسر جو عرصو (Incubation Period): پوليو جي بيماريءَ ٿيڻ جي اوسر جو عرصو هڪ ڪرو نه آهي. مختلف مريضن ۾ مختلف وقتن تي هيءَ بيماري ظاهر ٿئي ٿي. اهو سڀ ڪجهه وائرس جي تعداد ۽ وائرس جي حملي تي دارومدار رکي ٿو ته ڪنهن مريض ۾ هڪ ئي وقت ۾ ڪيترا وائرس داخل ٿيا يا مريض تي وائرس ڪيترو زوردار حملو ڪيو آهي. مثال: جيڪڏهن هڪ ئي وقت ۾ گهڻا وائرس مريض جي جسم ۾ داخل ٿيندا ته ان جي اوسر جو عرصو بلڪل مختصر هوندو. جيڪو ڪجهه ڪلاڪ ٿي سگهي ٿو. جنهن لاءِ مريض (ٻار) جا مائٽ اها دانهن ڪندا آهن ته مريض بلڪل ٺيڪ هو، کيس اوچتو اوچتو الائي ڇا ٿي ويو آهي جو هن جا سنڌَ (يا ڪو هڪ عضوو) سڪي ويا آهن. ڪن مريضن ۾ پوليو وائرس جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڇهن ڏينهن کان ويهن ڏينهن ۾ بيماري جي اوسر ڪندو آهي. ڪن مريضن ۾ ٽن کان پنجٽيهن ڏينهن ۾ پوليو وائرس مريض جي جسم ۾ داخل ٿي بيماريءَ جي اوسر ڪندو آهي. اُهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪن مريضن ۾ ڊگهي عرصي تائين جسم ۾ رهي پوءِ بيماري ظاهر ڪندو آهي. هڪ ڀيرو پوليو جو وائرس انساني جسم ۾ داخل ٿيو ته دير سوير اَوس پوليو جي بيماري ڪري وجهندو آهي.
(ٿ) پوليو جا قسم (Types of Polio): عام طور خيال ڪيو ويندو آهي ته پوليو جو هڪ ئي قسم (ڪرنگهي وارو پوليو) آهي. جنهن پوليو ۾ ڪو به هڪ عضوو خاص ڪري هڪ ٽنگ، هڪ ٻانهن يا هيٺيون ڌڙ سڪي (Atrophy) ويندو آهي. پر ائين ناهي پوليو جا ٻيا به قسم آهن، جھڙوڪ: (i) ڪرنگهي وارو پوليو (Spinal Polio)، (ii) مغزي ڏوريءَ وارو پوليو (Bulbar Polio) ۽ (iii) مغزي ڏوري ۽ ڪرنگهي جو گڏيل پوليو (Bulbo Spinal Polio).
(i) ڪرنگهي وارو پوليو (Spinal Polio): هن قسم جو پوليو ٻين سڀني قسمن جي پوليو ۾ عام ۽ گهڻو ٿئي ٿو. هن قسم جي پوليو ۾ پوليو جو وائرس (Polio Virus- P.V) مريض جي ڪرنگهي (Spine) جي سامهون وارن اڀريل اوڄن (Anterior Horn Cells) يا ڪرنگهي جي خاڪي مادي (Gray matter) جي حرڪي اوڄن (Moto Neurons) تي حملو ڪري، حرڪي اوڄن کي بيڪار بڻائي ڇڏيندو آهي. حرڪي اوڄن جي بيڪار ٿيڻ ڪري مريض جي هيٺئين ڌڙ، سنڌن، لڱن ۽ لڱن جي هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي وارين مشڪن جي چرپر ۽ فعل بيڪار ٿي وڃي ٿو. ياد رهي ته حرڪي اوڄن جي ڪري مشڪون پنهنجو طبعي فعل درست به ڪري سگهنديون آهن ۽ ان فعل کي قائم رکي به سگهنديون آهن. حرڪي اوڄن جي تباهيءَ ڪري مشڪون دماغ يا ڪرنگهي کان ڪي به فعلياتي حڪم (Signals) حاصل ڪري نه سگهنديون آهن. تنهنڪري مشڪن ۾ تحرڪ پيدا ڪو نه ٿي سگهندو آهي. ان ڪري ڪجهه وقت کان پوءِ مشڪن ۾ پهريائين ڪمزوري ٿيندي آهي، پوءِ سوسُ کائينديون (سڪي: (Atrophy وينديون آهن
۽ آخر ۾ مشڪن ۾ مڪمل فالج ٿي پوندو آهي، جنهن ڪري مشڪن ۾ مڪمل تباهي ايندي آهي. جنهن کي ”اسين ڪرنگهي وارو پوليو“ چوندا آهيون. هن قسم جي پوليو ۾ پوليو جو وائرس مريض جي جسم جي ٻنهي پاسن جي عضون جي مشڪن کي تباهه ڪري ڪم کان بيڪار ۽ لاچار بڻائي ڇڏيندو آهي، پر سدائين اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪڏهن هڪ ٽنگ، ڪڏهن هڪ ٻانهن، ڪڏهن ٻئي ٽنگون يا ٻئي ٻانهون هڪ ئي وقت ۾ پوليو جي بيماريءَ ۾ وٺجي وينديون آهن. پر گهڻو ڪري ٻانهن جي مشڪن جي مقابلي ۾ ٽنگن جون مشڪون وڌيڪ بيڪار ٿي سُڪي وينديون آهن. ياد رهي ته هن قسم جي پوليو ۾ مريض ڪنهن نه ڪنهن عضوي کان سدائين لاءِ معذور ٿي ويندو آهي.
(2) مغزي ڏوريءَ وارو پوليو (Bulbar Polio): هن قسم جو پوليو تمام گهٽ ٿيندو آهي، پر جڏهن به ٿيندو آهي ته نهايت خطرناڪ هوندو آهي. هن قسم جي پوليو ۾ پوليو جو وائرس دماغ جي مغزي ڏوريءَ جي مرڪز (Brain Stem) ۾ اڇي مادي (White matter) واري حصي (Bulbar Region) جو لنگهه جيڪو مغزي ڏوريءَ جي مرڪز ۽ دماغي پردي (Cerebral Cortex) کي ملائي ٿو. ان جي اوڄن کي تباهه ڪري ٿو. جنهن ڪري دماغ ۽ ان جي پردن ۾ سوڄ (Encephalitis) ٿي پوندي آهي ۽ جڏهن دماغ ۽ ان جي پردن ۾ سوڄ ٿيندي آهي ته ڪيپراٽيءَ مان نڪرندڙ ٻارنهن تنتن (Twelve Cranial Nerves) جي طبعي ڪم کي نقصان پهچندو آهي ۽ پنهنجو ڪم جاري رکي نه سگهنديون آهن. ان ڪري گهڻن عضون سان لاڳاپيل مشڪن کي دماغ وٽان طبعي (فعلياتي) حڪم ملڻ بند ٿي ويندو آهي ۽ انهن مشڪن ۾ ڪو به تحرڪ (هلچل) پيدا نه ٿيندو ۽ پهريائين مشڪون ڪمزور ٿينديون، پوءِ سوس کائي سڪي وينديون، آخر ۾ انهن ۾ فالج جو حملو ٿيندو آهي ۽ مشڪن سان لاڳاپيل عضوو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو ۽ دماغ مان نڪرندڙ هر هڪ تنت جو عمل بيڪار ٿي وڃڻ ڪري مريض جي جسم جي هيٺين عضون تي هاڃيڪار اثر پوي ٿو:
(i) ويگس تَنت (Vagus Nerve): هيءَ تنت سيني ۽ پيٽ جي عضون جي مشڪن جي نظام کي هلائڻ واري تنت آهي. هن تنت ذريعي دماغ فعلياتي حڪم دل، ڦڦڙن ۽ آنڊن ڏي موڪليندو آهي، جڏهن هن تنت کي دماغ کان فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي ويندا ته هنن عضون جي مشڪ کي به فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي ويندو آهي، نتيجي ۾ دل، ڦڦڙن ۽ آنڊن جو نظام درهم برهم ٿي ويندو آهي ۽ عضوا پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، دل جو دورو ٿي نه سگهندو آهي، ڦڦڙ ساهه کڻڻ ۽ عمل ڇڏي ڏيندا، ۽ ائين آنڊا به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.
(ii) گلاسو فيرينگل تنت (Glosso pharyngeal Nerve): هيءَ تنت ڳلي ۽ زبان جي مشڪن جي نظام کي هلائڻ واري تنت آهي. هن تنت جي ذريعي دماغ کان فعلياتي حڪم ڳلي ۽ زبان جي مشڪن کي ملندو آهي. جڏهن هنن عضون جي مشڪن کي دماغ کان هن تنت ذريعي فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي ويندو آهي ته انهن عضون جو فعل درهم برهم ٿي ويندو آهي، نتيجي ۾ مريض ڳيت ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندو آهي.
(iii) اسيسري تنت (Accessory Nerve): هيءَ تنت ڳچي، ڳلي، ڪاڪڙي ۽ ڪلهي جي مشڪن جي نظام کي هلائڻ واري تنت آهي، جنهن تنت جي ذريعي دماغ کان فعلياتي حڪم ڳچي، ڳلي، ڪاڪڙي ۽ ڪلهي جي مشڪن کي ملندو آهي، جڏهن هنن عضون جي مشڪن کي دماغ کان هن تنت جي ذريعي فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي ويندو آهي ته انهن عضون جو فعل درهم برهم ٿي ويندو آهي ۽ اهي عضوا پنهنجو طبعي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، نتيجي ۾ مريض ڪنڌ ورائي نه سگهندو آهي، ڳيت ڏيئي نه سگهندو آهي، جنهنڪري پاڻي ۽ کاڌو هيٺ لهي نه سگهندو آهي، ان سان مريض جو ساهه منجهندو آهي. ان کانسواءِ ڳلي جي مشڪن جي ڪم نه ڪرڻ ڪري نڙيءَ ۽ ساهه واريون ناڙيون بند ٿي وينديون آهن، ڪلهي جي مشڪن جي ڪم ڇڏي ڏيڻ ڪري مريض جون ٻئي ٻانهون ڪم ڪري نه سگهنديون آهن، يا ته فالج وانگي بي سَتيون ٿي لڙڪي پونديون آهن، يا وري سڪي وينديون آهن.
(iv) هائيپو گلوسل تنت (Hypoglossal Nerve): هيءَ تنت زبان جي مشڪن واري نظام کي هلائڻ واري تنت آهي، هن تنت جي ذريعي جيڪڏهن دماغ کان زبان جي مشڪن کي فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي ويو ته مريض جي زبان هيڏي هوڏي وري ڪا نه سگهندي آهي، تنهنڪري مريض کاڌو چٻاڙي نه سگهندو آهي، پاڻيءَ کي نڙيءَ کان هيٺ اماڻڻ لاءِ ڳيت ڏئي نه سگهندو آهي ۽ لفظ اچاري يا ڳالهائي نه سگهندو آهي، جڏهن هن تنت تي فالج اثر ڪندو آهي ته زبان جون مشڪون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن، تنهنڪري مريض يا ته چچرائجي ڳالهائيندو آهي يا وري ڳالهائڻ مڪمل بند ڪري ڇڏيندو آهي.
(v) آڊيٽري (سمعي) تنت (Auditory Nerve): هيءَ تنت ڪنن جي مشڪن واري نظام کي هلائڻ واري تنت آهي. هن تنت جي ذريعي جيڪڏهن دماغ کان ڪنن جي مشڪن کي فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي ويندو ته مريض ڪنن کان ٻڌي نه سگهندو آهي ۽ ٻوڙو ٿي ويندو آهي.
(vi) آلفيڪٽري تنت (Olfactory Nerve): هيءَ تنت نڪ جي مشڪن واري نظام کي هلائڻ واري تنت آهي. هن تنت جي ذريعي جيڪڏهن دماغ کان نڪ جي مشڪن کي فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي ويندو ته مريض جي سنگهڻ ۽ نڪ کان ساهه کڻڻ واري سگهه ختم ٿي ويندي آهي.
(vii) ۽ (viii) ٽرائجيمينل ۽ فيسل تنتون (Trigeminald Facial Nerves): هنن تنتن جي ڪري منهن جي مشڪن جو نظام هلندو آهي. هنن تنتن جي ذريعي جيڪڏهن دماغ کان منهن جي عضون جي مشڪن کي فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿي وڃڻ سان منهن جي ڪيترن عضون ۾ ابتڙ واري حالت پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾ منهن جا گهڻا عضوا پنهنجو ڪم به ڇڏي ڏيندا آهن ۽ مشڪن جي سوس کائڻ ڪري سُسي ويندا آهن، جيئن منهن جون مشڪون سُسي وينديون آهن ته مريض جا ڳل اندر هليا ويندا آهن، مهارون ڪمزور ٿي وينديون آهن، ڏند لڏندا آهن، وات (زبان) جو سواد ختم ٿي ويندو آهي ۽ منهن جو اڌ رنگ (Facial Paslsy) ۽ ڪنهن هڪ پاسي جي واڇ ڦرڻ جو عمل به هنن مشڪن جي ڪم نه ڪرڻ سبب واقع ٿي پوندو آهي.
(ix) آپٽڪ تنت Optic Nerve (x) آڪولو موٽر (Oculo Motor) تنت، (xi) ايڊيوسينٽ تنت (Aducent Nerve) ۽ (xii) ٽروچلير تنت (Trochlear Nerve): هي سڀئي تنتون اکين جي مشڪن سان لاڳاپيل آهن. هنن تنتن جي ذريعي دماغ کان اکين جي مڙني عضون جي مشڪن کي فعلياتي حڪم ملڻ بند ٿيڻ سان اکين ۾ کوڙ بيماريون پيدا ٿينديون آهن، جھڙوڪ: اکين مان لاڳيتو ڳوڙها وهڻ، نظر جو گهٽ ٿيڻ، هڪ شيءِ جون ٻه تصويرون نظر اچڻ (Diplopia)، ٿرڙو ٿي وڃڻ (Strabismus)، اکين جو رڳو هڪ پاسي ڦرڻ (Convergent)، اکين جو چوطرف ڦرڻ (Divergent)، دوڏا ڦري نه سگهڻ ۽ هڪ هنڌ کپي (بيهي) وڃڻ ۽ وڌيڪ خطرناڪ حالت ۾ اکين جون نسون ٽٽي پوڻ ۽ ڪجهه نظر نه اچڻ وغيره.
مٿين عضون مان ڪي اهڙا به عضوا آهن جھڙوڪ: دل، ڦڦڙ، نڙي ۽ آنڊا، جن تي جڏهن پوليو مڪمل اثر ڪندو آهي ته اهي عضوا آهستي آهستي پنهنجو طبعي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ آخر ۾ انهن کي مڪمل فالج ٿي ويندو آهي ۽ اهي اهڙا ته ناڪارا ٿي ويندا آهن، جو پنهنجو ڪم ڇڏي ڏيندا آهن، نتيجي ۾ مريض موت جو کاڄ ٿي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن قسم جي پوليو کي موتمار ۽ خطرناڪ قسم جو پوليو ڪوٺيو ويندو آهي.
(3) مغزي ڏوري ۽ ڪرنگهي وارو گڏيل پوليو (Bulbo-Spinal Polio): هن قسم جو پوليو به گهٽ مريضن کي ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي، پر جڏهن به ڪنهن کي ٿيندو آهي ته اڳي يا پوءِ مريض جي زندگيءَ جو دان وٺي ويندو آهي، هن قسم جي پوليو کي ساهه وارو پوليو ”Respiratory Polio“ به چوندا آهن، ڇو ته هن قسم جو پوليو مريض جي ساهه وارن عضون تي حملو ڪري، مريض جي ساهه واري نظام کي ڊانواڊول ۽ ناڪاره ڪري ڇڏيندو آهي، هن قسم جي پوليو ۾ پوليو جو وائرس مريض جي ڪنڌ تي مٿئين حصي C-3 کان C-5 (ڪرنگهي جي مٿين مهرن C-3 کان C-5) وٽ اثر ڪندو آهي، جنهن ڪري مريض جي شڪمي (پيٽ جي مٿين حصي واري) مشڪي ڇهه (Diaphragm) تي ابتو اثر پوندو آهي، ان ڪري دماغ واري تنت کان شڪمي مشڪي ڇَهه کي فعلياتي حڪم ملي نه سگهندو آهي ۽ پيٽ واري مشڪي ڇهه، ڦڦڙن کي ڦنڊائي ۽ سسائي نه سگهندي آهي. ان سان مريض کي ساهه کڻڻ ۾ ايتري ته ڏکيائي ٿيندي آهي، جو کيس هٿرادو ساهه کڻائيندڙ مشين (Ventilator) جي ذريعي ساهه کڻايو ويندو آهي، اها مشين به ٿوري وقت لاءِ ڪارگر هوندي آهي، اڳتي هلي ٽنگن ۽ ٻانهن تي فالج ڪرندو آهي، يا ڦڦڙ ساهه کڻڻ ۽ ڇڏڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن، جنهنڪري مريض جي دل بيهي ويندي آهي ۽ مريض موت جي ور چڙهي ويندو آهي. سنڌ ۾ هينئر به ڪيترن قسمن جو پوليو، گهڻن ئي صورتن ۾ موجود آهي، ايڪڙ ٻيڪڙ اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تان اهڙيون خبرون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن ته فلاڻي ڳوٺ ۾ يا فلاڻي ڪٽنب ۾ اهڙي پراسرار بيماري آهي، جو انهن جا ٻار ڄمڻ وقت بلڪل تندرست هئا، کين ڪا اهڙي پراسرار بيماري ٿي آهي. جنهن ۾ اوچتو يا آهستي آهستي ٻارن جو هيٺيون ڌڙ سڪي وڃي ٿو، ڪنهن ٻار جي ٻانهن ته ڪنهن جي هڪ ٽنگ سڪي وئي آهي، ڪي اکين کان اوچتو يا آهستي آهستي ڏسڻ کان ته وري ڪي ٻڌڻ کان معذور ٿي ويا آهن يا ڪنهن جو منهن ڦري ويندو آهي ته ڪي ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته ڪي ڪٻا ٿي ويا آهن، مقصد ته ٻارن توڙي وڏن جا اوچتو يا آهستي آهستي ٿي هڪ يا وڌيڪ عضوا کري يا سڪي وڃن ٿا. هي سڀ جو سڀ پوليو جا قسم آهن، جيڪي مختلف صورتن ۾ ظاهر ٿين ٿا، پر جيئن ته اسان جي ماڻهن کي پوليو بابت مڪمل آگاهي نه هجڻ ڪري ۽ پوليو چڪاس جون خاطر خواهه ليبارٽريون نه هئڻ ڪري به خبر ڪا نه ٿي پوي ته ماڻهو کي ڪهڙي قسم جو پوليو آهي، اها به پڪ ڪا نه هوندي آهي ته اهو پوليو آهي به يا ڪا ٻي بيماري (اڌ رنگ وغيره )، ڇو ته پوليو جي بيماري گهڻي ڀاڱي اڌ رنگ سان ملندڙ جلندڙ آهي. ”مغزي ڏوري واري پوليو“ (Spinal Polio) بابت به ايتري ڄاڻ آهي جنهن ۾ ڪا به هڪ ٽنگ سڪي ويئي يا کري پوندي آهي.
(ٽ) ليبارٽري ٽيسٽ (Laboratory Pathological Test):
(1) پوليو وائرس جي موجودگيءَ بابت ڪافي ٽيسٽون ڪيون وينديون آهن، پر سڀ کان وڌيڪ معتبر رپورٽ (ٽيسٽ) مغز ۽ ڪرنگهي جو ڪيميائي سُت (Cerebro Spinal Fluid: CSF) مان حاصل ڪئي ويندي آهي، ڪرنگهي جي چيلهه واري حصي (Lumbar Region) وٽان هي ڪيميائي ست (CSF) وٺي جڏهن ان جي ليبارٽري ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي ته پوليو هجڻ جي صورت ۾ ٽي نقص نظر ايندا آهن، هڪ ته رت جا اڇا جزا (WBC) وڌيل هوندا آهن، ٻيو پروٽين جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، ٽيون ڪيميائي ست ۾ پوليو جو وائرس موجود هوندو آهي، پر هيءَ ٽيسٽ هڪ ته ڏکي آهي، ٻي مهانگي آهي، ٽيون عام ليبارٽريءَ ۾ نه ٿي سگهندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي ٽيسٽ ورلي ڪا ڪرائي ويندي آهي، تيستائين وائرس جسم جي ڪنهن نه ڪنهن عضوي کي نقصان پهچائي ڇڏيندو آهي.
(2) مريض جي ڪاڪوس جي DR ٽيسٽ يا Culture ٽيسٽ ڪرائي ويندي آهي، جنهن مان به ڪڏهن ڪڏهن پوليو وائرس جي موجودگيءَ جي خبر پوندي آهي.
(3) مريض جي وات جي گگ يا وات جي زبان تي لڳل مَر Sardes جي ٽيسٽ مان به ڪڏهن ڪڏهن پوليو وائرس جي موجودگيءَ جي خبر پوندي آهي.
پوليو کان بچاءُ لاءِ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان بيماريءَ خلاف مهم هلائي پئي وڃي. محترمه بينظير ڀُٽو پنهنجي وزارت عظميٰ دوران اقوام متحده جي تعاون سان پوليو خلاف مهم جو آغاز ڪيو هو. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ هر سال ٻه يا ٽي ڀيرا سموري ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پوليو مهم جو انعقاد ٿئي ٿو. پوليو جا ڦُڙا پنجن سالن تائين جي عمر واري هر ٻار کي پيارڻ سان سندن جسم ۾ ان بيماريءَ خلاف قوت مدافعت پيدا ٿئي ٿي. نتيجي طور هن وقت پوليو جي بيماري ملڪ مان لڳ ڀڳ ختم ٿي رهي آهي.