پونا شهر جو هڪ منظر
پونا/ پُڻي (Pune): پونا/ پُڻي (Pune) هندستان جي مهاراشٽر صوبي جو اٺون وڏي ۾ وڏو شهر آهي، جيڪو قديم زماني کان وٺي مرهٽي سلطنت ۽ تهذيب جو مرڪز آهي. پونو ضلعي جو انتظامي هيڊ ڪوارٽر آهي. هي شهر ڪيترن وطن پرستن ۽ بهادرن جي جنم ڀومي رهيو آهي. ڇتر پتي شيواجيءَ جو تعلق به هن شهر سان هو، جنهن پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن هتي گهاريا هئا. لوڪ مانيه تلڪ، ٻال گنگاڌر، گوپال ڪرشن گوڪلي، ويرسا ورڪر، راءِ صاحب پٽوڌرن به هتان جا ئي هئا. پونو مهاتما گانڌي ۽ ڪستورٻا گانڌيءَ جي عملي سرگرمين جو مرڪز به رهيو آهي ۽ مهاتما گانڌي ڪجهه عرصو آغا خان محل ۾ نظربند به رهيو.
پونا شهر جو بنياد چيو وڃي ٿو ته 937ع ڌاري پيو. 1730ع ۾ پونا شيواجيءَ جي طاقت ۽ سياست جو مرڪز هو. 1817ع ۾ هي شهر انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ ڪنٽونمينٽ (Southern Command) جو درجو رکندڙ هو. اڄڪلهه هي شهر پوري هندستان جي تعليمي سرگرمين جو وڏو مرڪز آهي. پوني سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ پڻيه نگريءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”پُڃ وارين صفتن وارو“. هن شهر جو پهريون نالو ٽامي جي تختين تي لکيل مليو آهي، جيڪي رشتراڪوتا (Rashtrakuta) مان مليون آهن، جن تي تاريخ 937ع اُڪريل ملي آهي. ان سمي هن شهر جو نالو پوني وشايا هو. 13 صديءَ عيسويءَ جي تاريخن ۾ هن شهر جو نالو پوناواڙي (Punavadi) ۽ پونڪ وشايا (Ponak Vishaya) لکيل آهي. انگريز دور ۾ هن شهر کي پونا (Poona) جي نالي سان لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. هن شهر کي پنهنجي تاريخ آهي ۽ ان جي اوج جو زمانو 1025ع کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن شيواجي ڀونسلَي پنهنجي خاص مصاحب رنگو باپُو جِي کي پونا جو ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪري موڪليو، جنهن هن شهر جي ترقيءَ ۾ واکاڻ جوڳا قدم کنيا. 1817ع ۾ انگريزن ۽ مرهٽن وچ ۾ جنگ جو خاتمو ٿيو ۽ انگريزن کي ڪاميابي ٿي، جنهنڪري سنڌ وانگر پونا کي به بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيو ويو. انگريزن هتي تمام وڏي فوجي ڇانوَڻي (Southern Command) اڏي ۽ پونا کي 1855ع ۾ ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏنو. 1896ع ۾ هتي پليگ جي خطرناڪ بيماري پکڙي، جنهن 1897ع جي شروعات تائين شهر جي اڌ آبادي ختم ڪري ڇڏي. جنهنڪري ڊبليو. سي رئنڊ (W. C. Rand) نالي شخص جي هٿ هيٺ پليگ ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن سوايا قدم کڻي، بيماريءَ جو خاتمو آندو.
1947ع کان پوءِ هن شهر اڃا به گهڻي ترقي ڪئي. هتي ڪيترائي ادارا ٺاهيا ويا. جن ۾ نيشنل ڊفينس اڪيڊمي ۽ نيشنل ڪيميڪل ليبارٽريءَ جهڙا زبردست ادارا قائم ڪيا ويا. 1961ع ۾ هتي ٽاٽا موٽرس جو ڪارخانو به لڳايو ويو. جولاءِ 1961ع ۾ پانشيٽ (Punshet) بند ڀڳو ۽ ان جو پاڻي پوني شهر ۾ ڪاهي پيو. جنهنڪري شهر جو پراڻو حصو تباهه ٿي ويو. ان حادثي سبب هڪ ڀيرو ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا ۽ شهر جي جوڙجڪ نئين نموني ٿي.
1990ع ۾ پونا شهر ٻاهرين ملڪن جي سرمائيدارن کي سيڙپ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڌيان ڇڪايو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ موٽر انجنيئرنگ ۾ ٻاهرين سرمائيدارن ڪافي ناڻو سيڙايو. 1995ع ۾ ڇهن لائينن وارو موٽر وي ٺهڻ شروع ٿيو، جيڪو پونا کي ممبئيءَ سان ڳنڍي ٿو ۽ 2001ع ۾ ان موٽر وي کي مڪمل ڪيو ويو. 2009ع ۾ شهر وري هڪ جديد بيماري ’سوائن فلو‘ جي رخ چڙهيو ۽ ڪافي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. 13 فيبروري 2010ع تي جرمن بيڪريءَ ۾ بم ڦاٽو، جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي سخت زخمي ٿيا.
پونا شهر سمنڊ جي سطح کان 560 ميٽر اوچو آهي ۽ ڏکڻ اولهندي جابلو ڇاڙهه سهيادري جابلو سلسلي تي ٺهيل آهي. شهر ڪل چئن حصن ۾ ورهايل آهي. (1) وچ پوني، (2) الهندو پوني، (3) اوڀرندو پوني، (4) ٻهراڙي. اهڙي نموني وري اهي چار حصا الڳ انتظامي يونٽن ۾ ورهايل آهن. هتان جي آبهوا خشڪ آهي. گهڻو ڪري 20 کان 28 درجا سينٽي گريڊ گرمي پد رهي ٿو. جون کان آڪٽوبر تائين 722 ملي ميٽرن تائين برسات پوي ٿي. 17 جنوري 1935ع ۾ هتي گهٽ ۾ گهٽ گرميءَ جو پد رڪارڊ ڪيو ويو هو. جيڪو 1.7 ڊگريون سينٽي گريڊ هو. پوني جي آبادي 20 لکن کان مٿي آهي. هتي ڪيترائي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن. جن مان گهڻائي IT يونيورسٽين جي آهي. هي شهر پهرين سائيڪل سِٽي طور ۽ هاڻي موٽر سٽيءَ طور مشهور آهي. هتي جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني فيياٽ (FIAT) وارن جي انڊس موٽر آهي، جڏهن ته ٽاٽا موٽرس، مرسڊيز بينز فورس موٽرز وارن به پنهنجا ڪارخانا قائم ڪيا آهن. هتي وڏي ۾ وڏيون آئل ڪمپنيون به ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ بجاج موٽر ڪمپني، ڪرلوسڪار آئل انجنس، ڪرلوسڪار برادرس لميٽيڊ (جيڪا پيٽرول پمپن ٺاهڻ ۽ وڪري ڪرڻ جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني آهي.) ۽ ڪرلوسڪار نيوميٽڪ ڪمپني لميٽڊ گهڻيون مشهور آهن. اهڙي نموني راجيو گانڌي آءِ. ٽِي پارڪ نالي وارو ادارو انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام رکي ٿو، جيڪو 28 ايڪڙن تي ٺهيل آهي. جنهن تي لڳ ڀڳ 600 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ سافٽ ويئر ٺاهيندڙ ڪمپنيون، جن ۾ سي- ڊيڪ (C- Dac)، ڪيپ جيمني (Capgemini)، وپرو (Wipro)، اوريڪل ڪارپوريشن (Oracle Corporation)، آءِ. بي. ايم (IBM) وغيره ڪم ڪن ٿيون.
هن شهر ۾ وڏي ميونسپل ڪارپوريشن آهي. ان کانسواءِ به شهر جو انتظام چئن ٻين يونٽن ۾ ورهايل آهي. ڪارپوريشن کي ميئر سنڀالي ٿو. ان کان پوءِ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن نالي ترقياتي ادارو به ڪم ڪري رهيو آهي.
پونا کي مهاراشٽر صوبي جو ثقافتي شهر چون ٿا. مرهٽي ثقافت هتان جي عمارتسازي، آرٽ، هنر ۽ تعليم تي گهڻي نظر ايندي. ان کانسواءِ هتان جي ثقافت تي بنگالي ثقافت جو به چٽو اثر آهي، جو هتي لکين بنگالي رهن ٿا. درگا ديويءَ جو ساليانو ميلو هتان جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، جيڪو هر سال ملهايو وڃي ٿو. کاڌي جي شين ۾ ناريل، هيڊ، وڏا ساوا مرچ، جوئر ۽ ٻاجهري گهڻي استعمال ٿئي ٿي. هتي جي خاص ڊش پورڻ پوري (ڳڙ جي ماني) آهي.
گهڻي ڀاڱي هتان جو مذهب هندو ڌرم آهي، پر هتي کوڙ مسجدون، چرچ، گردوارا ۽ جينين جا مندر به ڏسڻ ۾ ايندا. مک مندر پاروتي مندر آهي. نوراتڙي جو تهوار به هتي ڌام ڌوم سان ملهائجي ٿو. هتان جو اهم گرو شري رجنيش آشرم آهي. جتي هزارن جي تعداد ۾ دنيا جي مختلف حصن کان ماڻهو اچن ٿا.
پوني کي حيدرآباد، سنڌ سان ڀيٽ ڏئي، ٻنهي کي ”جاڙا شهر“ سڏيو ويندو آهي. ورهاڱي کان پوءِ هن شهر جي مٽيءَ سنت ٽي. ايل. واسواڻيءَ کي ڇڪي هتي آندو. هتي ”ٽي. ايل. واسواڻي ٽرسٽ“ ۽ آشرم، ميران گرلس ڪاليج ۽ ميران هاءِ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن. ٽي. ايل. واسواڻيءَ جو ڀائيٽو دادا جشن واسواڻي، ٽي. ايل واسواڻي ٽرسٽ ۽ آشرم هلائي تعليم ۽ ڌرمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن ٽرسٽ پاران سوين سنڌي استادن جي سکيا ڪئي وڃي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر سرڳواسي ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، سرڳواسي پنڊت ڪشنچند جيٽلي، ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي، سندري پرچاڻي، ڊاڪٽر ڪنيا لعل ليکواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر يشوڌرا واڌواڻي، پروفيسر پريتم ورياڻي ۽ ناميارا اديب گورڌن گهايل، ايشوري جوتواڻي، ريٽا شهاڻي به پوني جا رهاڪو آهن. جن مان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي هاڻي دهليءَ ۽ پريتم ورياڻي هاڻي آديپور، ڪڇ ۾ رهن ٿا.
پوني ۾ ايڪانامڪس، آرڪيالاجي ۽ لسانيات جي موضوعن جي کوجنا جا مرڪز به قائم آهن، جن ۾ ڀنڊارڪر انسٽيٽيوٽ، ڊيڪن ڪاليج پوسٽ گرئجوئيشن ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ گوڪلي انسٽيٽيوٽ مکيه آهن. ڀارت ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا جو هڪ ننڍو شعبو 1962ع ۾ ڊيڪن ڪاليج پوني ۾ کوليو ويو، جنهن جو پهريون سربراهه ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي ٿيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي، سماجي لسانيات، لغت نويسيءَ ۽ ٻوليائي رٿا وغيره جي موضوعن تي شاندار ڪم ڪيو آهي.
1970ع ۾ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ هن شعبي جون واڳون سنڀاليون. هن ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق کي هڪ نئون موڙ ڏنو ۽ تحقيق لاءِ نوان گس گهڙيا. جن ۾ خاص ڪري ڪڇ جي ٻني علائقي ۽ ان جي آسپاس انيڪ اصلوڪين (سنڌ مان لڏي آيل) سنڌي برادرين- جتن، سمن، سومرن، متون، خاصخيلين، ٿيٻن، هاليپوٽن، چارڻن، سوڍن، ميگهواڙن وغيره جي لهجن (ٻوليءَ) جو اڀياس ڪيو ۽ ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، سندري پرچاڻي ۽ ڊاڪٽر ڪنيا لعل ليکواڻي4 ڊيڪن ڪاليج مان ئي لسانيات تي پي. ايڇ. ڊيز ڪيون. ڊيڪن ڪاليج جي سنسڪرت لغت نويسيءَ جي شعبي ۾ ڊاڪٽر يشوڌرا واڌواڻي ريڊر جي عهدي تي آهي، جنهن به سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏي تحقيق ڪئي آهي.
پوني ۾ ابتدا ۾ ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي ۽ دادي وندري هيراننداڻيءَ جي ڪوششن سان سنڌو ريسرچ سينٽر 1962ع ۾ قائم ٿيو، جيڪو ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ جي آمريڪا هلئي وڃڻ سبب ماٺو ٿي ويو.
پوني ۾ مرڪزي هند حڪومت پاران ڊيڪن ڪاليج ۾ 1969ع ۾ ويسٽرن ريجنل لئنگئيجز سينٽر شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ به ڊاڪٽر ڪنيا لعل ليکواڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي.
هتي سڄي ڀارت مان غير سنڌي اُستاد، سنڌي مضمون پڙهندا آهن، جن کي هڪ وڏي عرصي تائين پروفيسر پريتم ورياڻي پڙهائيندو رهيو آهي ۽ ڪجهه سال گورڌن شرما گهايل به ساڳي خدمت بجا آڻيندو رهيو آهي.
پوني ۾ ڪراچي ايجوڪيشن سوسائٽيءَ هيٺ بي. ٽي. شهاڻيءَ نَوين هند هاءِ اسڪول هلي رهيو آهي. جئه هند ايجوڪيشن ٽرسٽ جي هٿ هيٺ ’جئه هند اسڪول‘، ’جونيئر ڪاليج‘، ’منگهن مل اڌارام ڪاليج فار ڪامرس‘ پپري ترقيءَ ڏانهن وکون وڌائي رهيا آهن، جن جا انتظام عورتن جي هٿ هيٺ آهن.
مشهور ميران مشن (سينٽ ميران اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج هلائيندڙ) ۽ سنڌو وديا ڀون، سنڌ سوسائٽي گڻيش کنڊ ۾ دادي وندري هيراننداڻيءَ ورهين تائين هلايو.مارچ 1980ع ۾ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي محنتن ۽ ڪوششن سان پونا يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي- عربي لپيءَ ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو. پونا يونيورسٽيءَ جي C. DAC شعبي ۾ گورنمينٽ آف انڊيا پاران سنڌي اسڪرپٽ ڪمپيوٽر جي ايجاد ڪئي وئي، ان جو شرف به پوني شهر کي حاصل آهي.
سماجي خدمتگار ۽ دانوير شخص عطر سنگتياڻي ”عطر فائونڊيشن ٽرسٽ“ پاران ڪيترا سماجي ڪم ڪري رهيو آهي. پوني جي ڪيترن تعليمي ادارن جي واڳ ڏور سنڌين جي هٿ ۾ آهي ۽ هنن ڀارت ۾ نه رڳو پاڻ ملهايو آهي، پر تعليم ۽ سنڌيت لاءِ به وڏو ڪم ڪيو آهي.