پونبلو

پُونبَلو: هي کاري جي مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن جا وري ٻہ قسم ٿين ٿا: هڪ وڏي، جنهن جو نالو ٽٽر آهي، ان جو رنگ هيڊو، ڊيگهہ هڪ فوٽ ۽ تور ڏيڍ ڪلو ٿئي ٿي. ٻي ننڍي، جنهن جو رنگ هيڊو، ڊيگهہ ڇھہ انچ، تور هڪ ڇٽانگ کن ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو