پونم پاسڪل پرمار

پونم پاسڪل پرمار

پونم پاسڪل پرمار

پونم پاسڪل پرمار: پونم پاسڪل ولد ڪرمڻ پرمار، ذات جو پارڪري عيسائي آهي. هن ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ چڻيندا ۾ 22 سيپٽمبر 1954ع تي جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ماتلي، مڊل نوابشاھہ ۽ ميٽرڪ سانگهڙ مان پرائي. ننڍپڻ ۾ ئي والد جي وفات ڪرڻ ڪري هن جي پڙهائيءَ جو خرچ هالينڊ جي هڪ مذهبي شخص ادا ڪيو. ڪاليج سائيڊ کان بيچلر آف ڪامرس ڪيائين. ۽ ميرپورخاص جي مشھور سينٽ ٽريضا اسپتال ۾ نوڪري ڪيائين ۽ اتي جي هڪ نرس سان شادي ڪيائين.
هن پارڪري ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ هڪ انگريز، رچرڊ هوئائيل سان گڏجي 56 اکرن تي مشتمل پارڪري الفابيٽ جوڙي ۽ پارڪري فانٽ ٺاهيا ۽ 1986ع ۾ پهريون ڀيرو پارڪريءَ ۾ ’ڪيرتن واوَ‘ نالي ڪتاب ڇاپيائين. ان کان پوءِ پارڪريءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب، ڪتابڙا ۽ رسالا ڇاپڻ سان گڏ پارڪري ٻوليءَ کي دنيا جي مختلف خطن تائين پهچائڻ لاءِ پارڪري- انگريزي ۽ انگريزي- پارڪري لغت ترتيب ڏنائين.
پونم پاسڪل گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ رهندڙ ڪولهين جي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي ادارو (پارڪري ڪميونٽي ڊيولپمينٽ پروگرام) هلائي رهيو آهي. جنهن جو پاڻ ايگزيڪيوٽِو ڊائريڪٽر آهي. اداري جي ’مڌر ٽنگ لٽريسي پروگرام‘ تحت ننگرپارڪر ۾ هلندڙ 20 اسڪولن ۾ پرائمريءَ کان پهرين پارڪري ۾ پڙهائي وڃي ٿي تہ جيئن ٻار پارڪريءَ کان چڱي ريت واقف ٿي سگهن. هيءَ ڪيترن سالن کان ٽماهي رسالو ’پرڀات‘ بہ ڪڍندو رهي ٿو، جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر آهي. هن وقت سندس رهائش رتن آباد (ميرپورخاص) ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.09.22  عيسوي

پونم پاسڪل ولد ڪرمڻ پرمار، ذات جو پارڪري عيسائي آهي. هن ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ چڻيندا ۾ 22 سيپٽمبر 1954ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوراني ميرڪ سيد محمد
جيمس آئوٽرام
محمد فقير مسخرو
صمد شيخ
راورٽي ميجر هينري جارج
سيد يار محمد شاھہ
ابو زيد حسن سيرافي
عبدالمجيد مري سنڌي پروفيسر
جروار نذير احمد ڊاڪٽر
بيبي جمال خاتون سيوستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون