پونچ پونچا

پونچ/ پونچا (Puncha): هيءُ قديم ماڳ آهي. چيني سياح، شين سئنگ لکي ٿو تہ پونچا جو ماڳ ڪشمير کان ست سو لي يا هڪ سو سترهن ميل پري ڏکڻ طرف واقع هو. ڪشميري هن لفظ کي پنٽس (Punts) ڪري اچاريندا آهن ۽ چ (Ch) جي اچار کي نرم ڪري ’س‘ جي اچار ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن. پنجابي هن ماڳ کي پنچال کي پيرپنٽسال (Pir Pantsal) سڏيندا آهن. مور ڪرافٽ Moor Croft هن کي پرونچ (Prunch) يا پرونز (Pruntz) سڏيو/ اُچاريو آهي. ڪشميري بہ هن کي ساڳئي اُچار سان اچاريندا آهن. جنرل ڪورٽ هن لفظ کي پرونچ اچاريو آهي. ولفورڊ جي سروير مغل بيگ مرزا هن لفظ کي پنجي (Punje) ۽ وائين (Vigne) پونچ اُچاريو آهي. هنن ٻنهي ڄڻن پاڻ وڃي هيءُ شھر ڏٺو هو.
نقشن وسيلي، ڪشمير کان بارا مولا ۽ اري (Uri) رستي هن ماڳ تائين فاصلو پنجهتر ميل آهي، جيڪو رستي جي حقيقي فاصلن مطابق هڪ سؤ ميل بيهي ٿو. شينن سئنگ هن ماڳ بابت وڌيڪ لکي ٿو تہ پونچ جي علائقي جو گهيرو ٻہ هزار لي يا 333 ميل آهي، جيڪو ان جي حقيقي گهيري کان ٻيڻو وڌيڪ آهي. هن جي اولھہ کان جهلم، اتر پار کان پير پنچال وارو جابلو سلسلو، اوڀر، ڏکڻ اوڀر کان راڄوڙيءَ جو ننڍڙو علائقو آهي. هن علائقي جو گهيرو، جنهن ۾ ڪوٽلي (Kotali) واري جوءِ بہ شامل آهي، ڪل 170 ميل آهي. جيڪڏهن اهو علائقو بہ هن ۾ شامل هجي، جتان پونچ نديءَ جو منهن آهي، تہ بہ ان جو گهيرو 200 ميلن کان نہ وڌندو. ستينءَ صديءَ دوران پونچ تي ڪنهن بہ راجا جي حڪمراني ڪانہ هئي ۽ ڪشمير جو ڏن ڀرو علائقو هو. پوئين دؤر ۾ ان کي پنهنجو راڄ هو. بعد ۾ ڄمونءَ جي گلاب سنگهہ اتان جي حڪمران جي پونئيرن شير خان (Sher Khan) ۽ شمس خان کي قتل ڪري هن علائقي کي ڪشمير سان ملائي ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو