پونگر ڀنڀرو (پونگر مڱريو): هڙاپا دؤر جو هي هنري هنڌ اڇڙي ٿر ۾ 690 19' 35" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 270 20' 44" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هيءُ ماڳ 570 ميٽر ڊگھو، 300 ميٽر ويڪرو ۽ زمين جي عام سطح کان 2 ميٽر اوچو آهي. 17 هيڪٽرن تي ڦهليل ريڻي نديءَ جي ساڄي ڪناري تي موجود آهي، جتي نديءَ جو پيٽ ڪافي ويڪرو آهي. اتي واريءَ جو رنگ هلڪو خاڪي آهي. هن سڄي دڙي تي ڪيتريون وٿون پکڙيل آهن. هتي موجود سروٽن جا ٽڪرا ٻڌائين ٿا ته هتي ڪنهن زماني ۾ پڪيون جايون هيون. هڪ جاءِ جي اڏاوت جا آثار به مليا آهن. جنهن جي ماپ 46x31 ميٽر هئي. سرن جي ماپ موهن جي دڙي ۾ استعمال ٿيل سرن جيتري آهي. خاص وٿ هڪ ڀڳل ٿانون جوهٿ اچڻ آهي. اهو ٿانو ذڪر ڪيل جاءِ کان 31 ميٽر اتر طرف مليو آهي، جنهن ۾ چوڙيون ۽ ڊسڙ گڏيل هئي. چوڙين جا ٽڪر ستيئڙن مان ٺهيل هئا. ٿانوَن ۾ پيل ننڍڙو ٿانءُ وري مڻين ۽ ڊسڙ سان ڀريل هو. مڻيا نزاڪت وارا ۽ ڪافي سهڻا هئا. جنهن وقت اهي مڻيا ڏٺا ويا ته اهي اهڙا ڀُرڪڻا ٿي چڪا هئا، جو هٿ لائڻ سان پائوڊر ٿي ٿي ويا. ٿانءُ ٽٽل حالت ۾ مليو، ان تي ڪو به چٽ ڪونه هو، پر بلڪل سادو هو. شايد اهو ٿانو مڻين وغيره جي رکڻ لاءِ هو يا مذهبي طور ڪنهن ڪم لاءِ ٺاهيو ويو هو. ڇو ته سنڌو تهذيب وارا مردن سان گڏ ڪي شيون پوريندا به هئا. اهڙي قسم جون قبرون هڙاپا ۽ گجرات جي ماڳ زڪيدا (Zakeda) مان به مليون آهن، جن مان مڙدي سان گڏ ٻين شين کان سواءِ زيور به ڪن ٿانون ۾ وجھي پوريل حالت ۾ مليا آهن. هتي ڌيان ڇڪائيندڙ وٿ هڪ ٺڪر جي چوٽ (Cone) ملي آهي، جنهن جي چوٽي ڀڳل آهي ۽ ان کي سوراخ ڪڍيل آهي. اهڙي هڪ چوٽ موهين جي دڙي مان به ملي آهي، جيڪا نهري آهي ۽ ان جي به چوٽي ٽٽل آهي. بهرحال اها پهرين چوٽ آهي، جيڪا ٿر جي ڪنهن ماڳ مان هيل تائين لڌي آهي. انهيءَ چوٽ (Cone) تي ننهن سان رُهنڊيل لِيڪون نڪتل آهن، جيڪي ڳچيءَ وٽ چوڌاري ڦريل آهن ۽ چوٽ کي آرپار مڻئي وانگر سوراخ نڪتل آهي. مٿيون ٿلهو پاسو 1.9 سينٽي ميٽرن جو آهي، جڏهن ته هيٺيون سنهو ۽ چنهبارو پاسو 9 سينٽي ميٽرن جو قطر ۾ آهي. اهو سوراخ ڌاڳي وجھڻ لاءِ ۽ ليڪون ڌاڳي کي قابو ڪرڻ لاءِ ٿي سگهن ٿيون. انهيءَ قسم جن شيون (جن ۾ مڻيا به اچي ٿا) استعمال جون به ٿي سگهن ٿيون. اڄ به مڻيا مذهبي طور ڪتب اچن ٿا. دڙي تان سنڌوءَ جي سڃاڻپ واري ٺڪراٺي جي گهڻائي آهي. ان کان سواءِ ٺڪر جا مڻيا، ٽڪنڊيون چڪيون، چوڙيون ۽ پٿرن مان ٺهيل ڇريون، ڏڱريون، هٿوڙا اڻ مڪمل وَٽَ (جيڪي گول آهن)، چن جي پٿر جا ٽڪرا وغيره مليا آهن. پونگر ڀنڀري ۽ گهوب ڀير ماڳن ۾ ڪافي هڪجھڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڇو ته گهوب ڀير وانگر هتان به پڪين سرن جا ٽڪرا ڪوئلي ۽ ڇاريءَ جا تهه ملن ٿا. هتي به بَٺي جا نشان مليا آهن، پر اهو بٺو پاهڻي اوزارن کي پچائڻ وارو نه آهي. البت هتي سرون وغيره پچايون ويون هونديون.