پوٺو: پوٺو صاف مٿاهين ميدان کي چئبو آهي. اها ايراضي جيڪا غيرآباد ۽ سنئون پٽ هجي ۽ ان ايراضيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪا آبادي نہ ٿي هجي تہ ان کي پوٺو چوندا آهن.
هن نالي سان سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ديهون موجود آهن، جن مان ڪن جا نالا ڳڻائجن ٿا:
تعلقي ميرپورخاص جي هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ڳوٺ حاجي محمد اسلم، علي مراد مڱريو، حاجي محمد درس، حمير درس ۽ ڳوٺ رستم خان بوزدار.
تعلقي کپري جي هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
حاجي نور محمد مري، ملوڪ شر (حاجي محمد مري)، علي شير شاھہ، بادل مهر، علي خان مري، حاجي وسند مري ۽ ڌوڙيو ڪڇي.
ضلعي مٽياري، تعلقي هالا جي ديھہ ’ڀنڀري‘ ۾ هڪ ڳوٺ، جنهن ۾ هزار کن ماڻهو رهندڙ آهن. هتي پرائمري اسڪول ۽ بجليءَ جي سهولت موجود آهي.
دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ ’پوٺو‘ نالي سان هڪ ڳوٺ آباد آهي.
ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ جي ديھہ ”سوهايون“ ۾ بہ ’پوٺو‘ نالي ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ هزار کن ماڻهو رهندڙ آهن. هتي پرائمري اسڪول ۽ بجليءَ جي سهولت موجود آهي.
تعلقي وارھہ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ ’الھہ بخش بروهي‘، ’گرگيج‘ ۽ ’ميان بخش لڌاڻي‘ ڳوٺ شامل آهن.
ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي ساماري ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
حاجي بندن علي راهو، حاجي علي محمد راهو، آباد ۽ اوطاق عبدالله ڪالرو.
ٽنڊي باگي ۾ هڪ ديھہ جو نالو بہ پوٺو آهي. جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۽ کپري ۾ بہ ’پوٺو‘ نالي ديهون موجود آهن.