پوٺوهاري/ پوٺواري (Pothwari) (ٻولي): پوٺوهاري (Pothohari) ٻوليءَ کي موجودہ وقت ۾ پوٺواري (Pothwari)، پوٺوهاري (Pothohari)، ميرپوري (Mirpuri) يا اترين لهندا (Northern Lahnda) بہ چوندا آهن، پر هيءَ ٻولي عام طرح ’پوٺوهاري‘ ئي سڏي ويندي آهي. پوٺوهار، پاڪستان جو اهو علائقو آهي، جيڪو جھلم نديءَ جي اولھہ ۾ ۽ چڪوال جي اوڀر ۾ واقع آهي ۽ ان ۾ راولپنڊيءَ جو موجودہ ضلعو بہ اچي وڃي ٿو. اڀرندي اولھہ وارو جابلو خطو، جھلم جو اڀرندو پاسو ۽ سالٽ رينج جو ڏکڻ وارو علائقو پوٺوهار ۾ شامل آهن. هيءَ ٻولي سموري راولپنڊي ضلعي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پر اتر واري جابلو خطي ۾ ڳالهائي ويندڙ پوٺواري کي ’پهاڙي‘ بہ چوندا آهن. ساڳئي وقت هيءَ ٻولي جھلم ۽ چڪوال تعلقن جي اڀرندي حصي ۾ ۽ پنڊ دادن خان تعلقي ۾ بہ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بہ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي پنجابيءَ کي ويجهو آهي ۽ اڪثر پهاڙي، پوٺوهاري سڏبي آهي، جنهن جا ڍنڊي ڪيرالي (Dhundi- Kairali)، چڀالي (Chibhali)، ميرپوري، جهلمي، پنڊيوالي ۽ پُونڇي لهجا آهن. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي، اترئين خطي جي پهاڙي زبانن جي خاندان مان آهي. هيءَ ٻولي نستعليق خط ۾ لکي وڃي ٿي. هيءَ ڪشمير جي ٻيو نمبر وڏي زبان آهي.