پوٺوهار1

پوٺوهار1: پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ڪيترائي مٿانهان پٽ آهن، جن مان پوٺوهار، پنجاب صوبي جو مٿانهون پٽ آهي. هي علائقو جھلم نديءَ جي اڀرندي، سنڌو نديءَ جي اولھہ، ڪالاچترا رينج (Kala Chitra Range) ۽ مرگلا پهاڙين جي اتر ۽ لوڻ رينج (Salt Range) جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ جا شھر بہ پوٺوهار جي هن پٽيءَ ۾ اچن ٿا. هيءَ سوئاني تھذيب (Soanian Culture) جي پٽي آهي، جنهن تي 23 کان 18 ق. م تائين تھذيب '>سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب (Indus Valley Civilization) جو بہ اثر هو. هن خطي ۾ اوائلي پٿر جي دور جا ڪيترا اهڃاڻ مليا آهن، جيڪي پنجن لکن کان ڏھہ لک سال پراڻا چيا وڃن ٿا. هن ئي خطي ۾ دنيا جو قديم تهذيبي مرڪز ٽيڪسيلا بہ موجود آهي. ڪوهستان لوڻ ۽ اتر اولھہ وارن جبلن جي وچ واري پوٺوهاري پٽ ۾ اٽڪ، راولپنڊي، ڪوھہ مري، ڪهوٽا ۽ جھلم جا ضلعا اچي وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو