پوٽالا پيليس

پوٽالا پيليس

پوٽالا پيليس

پوٽالا پيليس: تبت/ ٿُٻيٽ ملڪ ۾ هڪ محل جو نالو آهي. هي محل تبت/ ٿُٻيٽ جي سيسي ايڪتا جي علامت آهي. جڏهن ٻڌ دلائي لامن جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ متحد ٿيو تہ هيءُ محل ’اتحاد جي اهڃاڻ‘ طور ڏيساور کان ايندڙ سياحن ۽ کوجنا، ڪندڙن لاءِ پوٽالا محل تبت جي سڃاڻپ جي نشاني بڻيو. هن محل کي ڏسي اها ڄاڻ پوي ٿي تہ ٻڌمت انڊيا کان تبت ۾ ڪيئن آيو ۽ وڌيو ويجهيو. منگولن جي سهڪار هن محل جي اڏاوت کي ممڪن بڻايو. جڏهن تہ ان ۾ چيني اڏاوت سازيءَ جو واڌارو ڪري ان جي رونق ۾ چار چنڊ لڳايا ويا.
هن محل جو نالو تبت ۾ ٻُڌمت جي انڊين اڳواڻ آوالو ڪشورا جي نالي پٺيان پوٽالا رکيو ويو. هيءُ محل ستين صديءَ ۾ تبت جي باني بادشاھہ سانگستين گامپو جي ننڍڙي رهائش هو. 1642ع کان 1682ع تائين حڪومت ڪندڙ پنجين دلائي لاما پاڻ کي ’آوالو ڪبشورا‘ جو ٻيو جنم ڄاڻايو تنهنڪري هن کي تبت جي شاندار ماضيِءَ جو اهم نشان سمجهيو وڃي ٿو. محل جي هال جي ٽيرس ۽ گيلريءَ کي کليل ڇڏيو ويو آهي ۽ محل اندر پوڄا گهر، چيپلز ۽ دلائي لامن جي رهائش لاءِ ڪمرا ٺهيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو