پوٽا/ پوٽاڻ: عزيزاڻي رشتن جي اصطلاح ۾ پُٽ جي اولاد کي پوٽا سڏبو آهي. گذريل وقت ۾ توڙي هينئر بہ سنڌ ۾ اولاد پنھنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڃاتو وڃي ٿو. جيئن پمومل جو اولاد پمناڻي ۽ آڏو مل جو اولاد آڏواڻي وغيرہ. مسلمانن ۾ دائود جو اولاد دائودپوٽا ۽ رانجهي خان جو اولاد رانجهاڻي سڏجن ٿا. اهڙيءَ طرح مانڪاڻي ۽ ٺاراڻي وغيرہ بہ ان قسم جي اصطلاحن جا مثال آهن. اڳ ۾ سنڌ ۾ ڏاڏي پوٽن سان سڱ ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي هئي. ڏاڏي پوٽي زال مان ٿيل اولاد کي وڌيڪ اهميت ڏبي هئي. دودي چنيسر واري قصي ۾ عمر ۾ ننڍو هئڻ باوجود دودي کي ڏاڏي پوٽيءَ مان هئڻ ڪري پڳ جو وارث بڻايو ويو.
سنڌ ۾ ڏاڏي پوٽي سڱ کي اهميت هوندي آهي. چوڻي آهي تہ:
سڱ سوٽن اڳرو، ميڙو ماساتن،
ڦل ڏجي پڦاٽن، موچڙو ماروٽن.