پوپري پوپڙي

پُوپري/ پوپڙي: اهو ممڪن آهي تہ هي دنيا جو پهريون ساز هجي، جيڪو انسان پنھنجي ذهني ڪوشش سان ٺاهيو هجي. هڪ ويڪري ۽ سگهاري پن (مثلا: جوئر وغيرہ جي پن) جي هڪ پاسي کي ڏانڊيءَ کان الڳ ڪري ويڙهي وٽي پوپري ٺاهبي آهي. هن پوپري جو منهن وارو پاسو وچ کان ٿورو ويڪرو ۽ پر پڇڙ کان ٿورو سوڙهو ٿيندو آهي. پوءِ سوڙهي پاسي کي وات ۾ وجهي چپترو ڪبو تہ سوڙهو ٿيندو. وات ۾ وجهي ڦوڪ ڏبي تہ آس جو آواز نڪرندو، جو توتريءَ وانگر ٿئي ۽ ساڳيءَ ريت وڄي يا ان ۾ ڦيرڦار بہ ٿئي.
سيٽي، توتري، پوپري، اهي ڦوڪ جا بنھہ ابتدائي ساز سمجهہ ۾ اچن ٿا. پر هنن جو وجود بقادار نہ هئڻ ڪري انهن جي ڪا باقيات نہ بچي آهي. پر اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ پوءِ وارا پَورين نالين وارا ساز، جيڪي ڪانن، ڪاٺ، هڏيءَ وغيرہ مان ٺهيا ۽ جن مان ڪن جا آثار بہ مليا آهن، سي هن قديمي ۽ سادڙي ساز مان نسريا هوندا. هي سڀ ساز اڄ بہ ٻهراڙين جا ڌنار ۽ هاري ناري شغل ۽ اڪيلائيءَ جي وندر لاءِ استعمال ڪن ٿا. سيٽيءَ کان سواءِ توتڙي ۽ پوپڙي تي سُر آلاپڻ مشڪل آهي. البت انهن جي هڪ صورت شهنائي، مرلي وغيرہ يا ڪن پردي وارن سازن ۾ موجود آهن ۽ انهن سازن جي اهم جز طور استعمال ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو