پوپري2

پوپري2: ننڍڙين مڇين ۾ خوبصورت جسامت واري، ڏسڻ ۾ ٺاهوڪي، کائڻ ۾ لذت واري، سفيد چانديءَ وانگر چمڪندڙ مڇي ٿئي ٿي، جنهن جي ٿولھہ هڪ ٻہ انچ، ويڪر ٻہ ٽي انچ ۽ ڊيگهه وڌ ۾ وڌ فوٽ کن ٿيندي آهي. هيءَ مڇي ڏسڻ ۾ پلي جهڙي هوندي آهي. جيتوڻيڪ هيءَ مڇي ننڍي آهي، پر هن جو ماس وڏي موراکيءَ يا ڪُرڙي جهڙو پڪو ۽ سواد وارو هوندو آهي. هن جا ڇلر اَڇا چِلڪڻا، ننڍي پلي جي ڇلرن جيترا ٿيندا آهن. پوپريءَ ۾ ڪنڊن جي گهڻائي نہ هوندي آهي، تنهنڪري ماڻهو ان کي سُهڻائيءَ جي تشبيھہ طور ورجائيندا آهن تہ لوڪ گيتن ۾ بہ ”پوپريءَ“ جو ذڪر ايندو آهي. خوشنما رانديڪي جهڙي هيءَ مڇي، سنڌو درياھہ ۽ وڏي مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ بہ جام ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو