پوپٽ2: ڪنن ۾ پائڻ لاءِ هڪ قسم جو ڳهه، جيڪو سنڌ ۾ ٻين سماٽ ذاتين سان گڏ گهڻو ڪري سومرا ۽ هندو مينگهواڙ به پائيندا آهن. پوپٽ ڳهه چانديءَ مان به جڙندا آهن، جن جو نمونو به پوپٽ (طوطي) جيان ٿئي ٿو. جيئن ته هن ڳهه سان سنڌ جي هڪ لوڪ ڪهاڻي به مشهور آهي، جنهن جو هڪ اهم ڪردار ”طوطو“ (پکي) آهي. ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار ڀينءَ سيڪاريو، هڪ پوپٽ (طوطو) پاڻ سان وٺي شهر ’پٽڻ‘ پهتو، جتي ’نبن‘ مُلڪ پئي هلايو. نبن ٿهيم جڏهن ڀينءَ سيڪاريو کي مارڻ جو ارادو ڪيو ته اِها خبر پوپٽ (طوطي) کي پئجي وئي، جنهنڪري نبن ٿهيم پوپٽ کي ڌڪ هنيو. پوپٽ زخمي حالت ۾ ڀينءَ سيڪاريو جي ماءُ جي ڪن تي ويهي ڪجهه ٻوليندي، اتي ئي مري ويو. ڀينءَ جي ماءُ پوپٽ جي انهيءَ وفاداريءَ کي ياد ڪرڻ ۽ نسل در نسل منتقل ڪرڻ لاءِ نج چانديءَ جو پوپٽ ٺهرايو، جنهن جي شڪل انهيءَ طوطي جهڙي هئي. اِهو ڳهه ٿري عورتون به پائين، ڇو ته پوپٽ ٿريءَ ۾ طوطي کي چوندا آهن. انهيءَ کان پوءِ سومرن ۾ پوپٽ پائڻ جو رواج پيو ۽ اِهو رواج اڄ سوڌو سومرن ۾ قائم آهن.
پوپٽ (ڳهه) جي اڳوڻي صورت هاڻي گهڻو ڪري ساڳي نه رهي آهي، تڏهن به ان جي صورت سان ملندڙ جلندڙ آهي. پوپٽ اهڙو ڳهه آهي، جنهن جو ذڪر سنڌ جون سورميون پنهنجي دل ۽ جان سان پنهنجن گيتن ۾ لوڪ انداز سان ڪنديون آهن.