پوپ جاهن پال: پوپ جاهن پال، السانڊرو فارنيس ٽسڪينيءَ جي هڪ معزز گهراڻي ۾ 1468ع ۾ جنم ورتو. روم ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ فلورنس ۾ وڃي لارينزو دي مئگنيفيشنٽ جي درٻار ۾ تعليم حاصل ڪيائين. هي مذهبي طور هڪ غير پيشيور ماڻهو هو، ان هوندي بہ کيس 1493ع ۾ ڪارڊينل جو عهدو ڏنو ويو. هي 1509ع ۾ پارما جو پشپ بڻيو. پنھنجي دور جي رسم رواج مطابق مستقبل جو هي پوپ، اٽليءَ جي شهزادن وانگر زندگي گذاريندو هو. هن روم جي هڪ خوشحال گهراڻي جي عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چار ٻار ٿيا. پر بشپ هئڻ واري دور ۾ منجهس هڪ روحاني تبديلي اچي وئي. ان ڪري هن پنھنجي گهرواريءَ کان 1513ع ۾ پاسيرو ٿي پنهنجو سمورو ڌيان ڪليسائي معاملن تي ڏنو. هو جون 1515ع ۾ باقاعدي پادري مقرر ٿيو ۽ پوءِ هن زندگيءَ جو مقصد چرچ ۾ سڌارا آڻڻ بڻائي ڇڏيو. هو آڪٽوبر 1534ع ۾ پوپ چونڊيو ويو.
پوپ چونڊجڻ سان ئي هن آڪٽوبر 1534ع ۾ ڪليسا جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس گهرائڻ ۽ ڪليسا ۾ تڪڙن سڌارن آڻڻ جي ارادي جو اعلان ڪيو. انهيءَ زماني ۾ ڪليسا جي سامهون ٻہ وڏا مسئلا هئا: (1) رومن ڪئٿولڪ چرچ ۽ پروٽيسٽنٽ چرچ جي اختلافن سبب يورپ ۾ پيدا ٿيل جهيڙي کي ختم ڪرڻ ۽ (2) چرچ اندر پيدا ٿيل زهريلين بدعنوانين جي پاڙ پٽڻ.انهن ٻنهي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوپ پال ڪافي ڪوششون ڪيون، پر اهي ناڪام ٿيون، جنهن سبب پوپ پال ڪافي مايوس ٿيو، پر هن همت نہ هاري. نيٺ 1545ع ۾ اسيمبليءَ جو اجلاس ڪوٺائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اهو اجلاس اتر اٽليءَ جي ٽرينٽ شھر ۾ ٿيو. هن اسيمبليءَکي، جنهن کي ”ٽرينٽ جي ڪائونسل“ سڏيو ويو، ان ابتدا ۾ پنهنجون گڏجاڻيون جاري رکيون، پر جنگ لڳڻ سبب اُن جون گڏجاڻيون ويهن سالن تائين ٿي نہ سگهيون. پال ابتدا وارن اهم اجلاسن جي صدارت ڪئي. اها ڪائونسل پنهنجن فيصلن جو اعلان 1563ع کان اڳ ڪري نہ سگهي. نيٺ هن گهڻي گرما گرم بحث مباحثي کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان فرمان جاري ڪري پنهنجن فيصلن جو اعلان ڪيو. پوپ پال 1549ع ۾ وفات ڪئي. ڪائونسل جي فيصلن جو اعلان سندس دور ۾ نه، پر 1963ع ۾ نئين پوپ جي ڏينهن ۾ ٿيو. انهن فرمانن مطابق ڪئٿولڪ مذهبي نظريو نئين سر جوڙيو ويو. چرچ جي عهدن تي مقررين جي طريقي ۾ انقلابي تبديلي آندي وئي ۽ مذهبي فرضن ۽ تربيتن بابت وسيع سڌارن جو اعلان ڪيو ويو. ڪائونسل جي گڏجاڻين ۾ سڀ کان وڌيڪ اختلاف ان ڳالھہ تي ٿيو تہ چرچ کي پروٽيسٽنٽ جي حمايت ٻيهر حاصل ڪرڻ گهرجي يا ٻنهي، پروٽيسٽنٽن ۽ رومن ڪئٿولڪ ڪليسائن جي وجود کي دائمي طرح تسليم ڪجي. پوپ پال ٻنهي ڪليسائن جي دائمي جدائيءَ کي مڃڻ تي زور ڏنو هو، ان ڪري نيٺ ٻنهي چرچن جي جدائيءَ کي ئي تسليم ڪيو ويو.