پوٿِي: هندن جو ڌرمي ڪتاب آهي، ڪنهن رشيءَ، گروءَ يا ڌرمي اڳواڻ جو بيان، ڀڄن ۽ قول وغيرہ کي بہ پوٿي چئبو آهي.
’پوٿي پٽائڻ‘ بہ هڪ اصطلاح آهي، نيڪ يا بد سُڳڻ لاءِ ٽپڻو کولائڻ، ڪتاب پٽرائڻ، ڪتاب ذريعي فال ڪڍائڻ وغيرہ کي بہ چئبو آهي. ’پوٿي پوڻ‘، مرڻ واري حال ۾ هئڻ کي پڻ سڏيو ويندو آهي.