پوٿي جپ صاحب ارٿ سميت

پوٿي جپ صاحب، ارٿ سميت (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هريسنگهہ ڊنگي مل جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي. هيءَ ڪتاب هريسنگهہ، مجتبائي پريس سکر مان سال 1889ع ۾ ٻيهر ڇپايو.
ساڳئي نالي سان هڪ ڪتاب آوتراءِ جهمٽراءِ ملڪاڻيءَ جو پڻ لکيل آهي. رائل سائيز واري ان ڪتاب ۾ 42 صفحا آهن. جنهن جي قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو منشي عطر سنگهہ ملڪاڻي، وڪٽوريا پريس سکر مان سال 1888ع ۾ ڇپايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو