پوچ جو هنر: پوچ جي هنر کي جيڪڏهن سينگار جو هنر سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. جيئن سونارا مختلف زيورن جا گهاڙيٽا گھڙين ٿا، واڍا ڪاٺ مان ۽ لوهار لوهه مان ڪاريگريءَ جا ڪرتب ڏيکارين ٿا، تيئن ڪاتارو سُٽ ڪَتي ٿو، ڪوري اُڻت ڪري؛ ان مان ڪا نه ڪا شيءِ ٺاهي ٿو، پر پوچ ڪندڙ انهن مڙني شين تي پنهنجي ”پوچ“ ڪري سينگاري ٿو ۽ اڳي کان وڌيڪ زيبائتيون بنائي ٿو. پوچ ڪندڙ کي عام ٻولي ”پوئيندڙ“ چون. هن هنر ۾ جن شين جي ضرورت پوي ٿي، سي ڌاڳا، مڻيا، موتي، ڪلابات وغيره آهن. ”پوئيندڙ“ سُٽ مان پهريائين تندون ڪڍي ٿو جن کي سريون چئبو آهي. انهن سرين کي وري هو جدا جدا قسمن جون ڳنڍيون ڏيندا آهن. ڪم هلندي عارضي بندش لاءِ ڏيڍ ڳنڍ ڏيندا آهن. ٻن سرين کي ملائي جيڪا ڳنڍ ڏين ان کي چون ”ٻيڙ“ ڳنڍ چون. اهڙيءَ ريت ٽن سرين کي ”ٽيڙ“ ڳنڍ چون. سريون سوٽي يا ريشمي سُٽ جون مختلف هونديون آهن، جيڪي اڪثر ذاتيليون به ڪم آڻين. سرين کي وٽي انهن تي گهربل ڳنڍيون ڏيڻ کان پوءِ پوڄ جو ڪم ڪندڙ موتين ۽ مڻين جي انهن تي پوچ ڪندو آهي. سريون، تائيٿن، ماندرين، ٻانهن رکين ۽ ٻين انيڪ زيورن تي پوڄ جو ڪم ڪري انهن کي وڌيڪ زيبائتو ڪبو آهي، جيڪي عورتون ڳچيءَ ۾ پائين. ٻانهن رکين تي پوڄ ڪرڻ وقت هڪ بادام شڪل جو خال ڪري ان کي ٻنهي پاسن کان ڳنڍيون ڏبيون آهن. زيورن تي ”پوچ“ جي ڪم کان سواءِ ڳانين، ڳانڍين، واڳن، رسن، موڙن ۽ اڳٺن تي به ڪيو وڃي ٿو. انهن تي ڌاڳن جي بٽن مٿان قطارن يا گلن جا چورس يا مستطيل شڪيلن ۾ مڻيا ۽ موتي پرويا وڃن ٿا ۽ پوءِ مال جي ڳچيءَ ۾ سونهن لاءِ پاتا وڃن ٿا. اڳٺ ٺاهيندڙ هٿ جي وڄا سان اوڄي ۾ مختلف قسمن جون شڪليون رکندا آهن ۽ پلاندن تي ڪلابات مڙهي پوءِ موتي ۽ مڻيا پوئيندا آهن. جيڪي ڇڻڪو ڪندا آهن. پوچ ڪندڙ پنهنجي هنر جي ڪمال ڪاريگري سرميداڻين، ڪانٽن، ڦڻين ۽ سوپارين تي موتي مڙهي ظاهر ڪندا آهن. اهڙي قسم جون شيون سوکڙيءَ طور ڪم ڏين ٿيون.
آڳاٽي وقت ۾ اکين، نورن، رومالن ۽ بجڪن جي پلاندن تي ”گوندين“ سان پوچ ڪئي ويندي هئي. هنرمند جي هنر تي پوچ جو ڪم سينگار ڏئي ٿو.