پوکڻ ڪوٽيرو: هي ڌاتو پاهڻي دؤر جو ماڳ ديھہ پوکڻ، تعلقي ٿاڻي بولاخان ضلعي ڄامشوري ۾ پوکڻ لانڍيءَ کان ٻہ فرلانگ پنڌ تي، اتر ويڪرائي ڦاڪ 25048'27'' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 67044'65'' تي موجود آهي. ھتي ڇھن ڪمرن واري پٿر جي ٺھيل عمارت جا ڊٺل آثار ملن ٿا. جن کي مجمدار پنھنجي ڪتاب Exploration in sindh ۾ بيان ڪيو آھي. سندس چوڻ موجب ان ماڳ تي واريءَ جا تھہ ڄمي ويا آھن. ھتان ڪو بہ ٺڪراٺو وغيرہ نہ مليو آھي. اڏاوت 95 ميٽر ڊگهي 121 ميٽر ويڪري ۽ ڏيڍ ميٽر اوچي آھي. ھر ڪمري کي اوڀر ۾ لنگهہ لاءِ دروازن جا نشان نہ نٿا ملن. ماڳ چڱي حالت ۾ آھي. ڪوشش ڪرڻ سان ڪريل پٿرن سان ڀتين کي جوڙي سگهجي ٿو.