پيارانگا پيلي ٻوٽي

پيارانگا/ پيلي ٻوٽي: هن ٻوٽيءَ کي انگريزي ۾ ’Piarang‘، لاطينيءَ ۾ ’ Thalictrum Foliolosum‘، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ماميران چيني، اردوءَ ۾ پيارانگا، بنگاليءَ ۾ گُربياني، هنديءَ ۾ پيلي جڙي، ڪشميريءَ ۾ چيترا ۽ پنجابيءَ ۾ پشميران چيو ويندو آهي. هن جو تعلق ’Ranunculaceae‘ جي آڪھہ سان آهي. هي هڪ هندستاني ٻوٽي آهي، جنهن جي پاڙ هيڊي ٿيندي آهي. انهيءَ ڪــري هــن کــي پـيـلـي جــڙي ٻـوٽـي چـيو وڃــي ٿو. پنساري گهڻو ڪـري مهميري جي جڳھہ تي هيءَ ٻوٽي ڏيندا آهن. هن جو ٿڙ 1.2 کان 2.4 سينٽي ميٽر ٿئي ٿو. پنکڙيون 4.6 ملي ميٽر تہ ڪڏهن پنجويھہ ملي ميٽر تائين بہ ٿين ٿيون. هن جا گل پيلي رنگ جا هوندا آهن.هن جي پاڙ ڪڙي هوندي آهي، اها پيلي ٻوٽي جي نالي سان ملي ٿي. هي هماليہ جبل ۾ هزار کان ڇھن هزارن فوٽن جي بلنديءَ تائين ٿئي ٿي. هيءَ ٻوٽي پسارڪي وکر طور ڪم ايندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو