پيارن جا پيغام

پيارن جا پيغام

پيارن جا پيغام

پيارن جا پيغام (ڪتاب): هيءَ ڪتاب نامور اديب، محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏي لکيل خطن ۽ جوابن تي مشتمل آهي، جنهن کي ناليواري اديب عنايت بلوچ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ محمد عثمان منگي جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ شامل خط سنڌ جي مختلف مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل اديبن، شاعرن ۽ محققن جا لکيل آهن، جيڪي الف ب وار ترتيب ۾ رکيل آهن، ڪتاب ۾: جي ايم سيد، تنوير عباسي، بدر ابڙي، بادام ناتوان، بردي سنڌي، رام پنجواڻي، عبدالقادر جوڻيجي، عبدالڪريم سنڌيلي، علي احمد بروهي، غلام رباني آگري، لطف بدوي، نثار بزمي سميت ڪيترن ئي ٻين اديبن جا خط ۽ ڪن خطن جا جواب شامل آهن. هي ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهي.
360 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ‘سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم’ جي سرپرست محمد عثمان منگيءَ 2004ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو