پياري پيغمبرصلي ﷲ عليہ وسلم جون پياريون گهر واريون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب عبدالرحمان جتوئي ۽ عبدالجبار ’عبد‘ گڏجي لکيو آهي، جو سنڌي ساهت سوسائٽي سنڌ شڪارپور لاڙڪاڻي پاران 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر گل حسن سيٺار ۽ پيش لفظ عبدالجبار ’عبد‘ جا لکيل آهن. جڏهن تہ ’پنھنجي طرفان‘ جي عنوان سان سوسائٽيءَ جي صدر غلام مصطفيٰ مشتاق جا تاثرات آهن ۽ علي اڪبر اسير قريشي جي تفريظ پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي پاڪ گهروارين: (1) ام المومنين حضرت بــي بــي خديجة الڪبريٰ رضي الله عنها، (2) ام المومنين حـضـرت بي بي عائشہ صديقه رضي الله عنها، (3) ام المومنين حضرت بي بي سوده رضي الله عنها، (4) ام المومنين حضرت بي بي حفصه رضي الله عنها، (5) ام المومنين حضرت بي بي زينب بنت خزيمه رضي الله عنها، (6) ام المومنين حضرت بي بي ام سلما رضي الله عنها،(7) ام المومنين حضرت بي بي زينب بنت حَبش رضي الله عنها، (8) ام المومنين حضرت بي بي جويريه بنت حـارث رضي الله عنها، (9) ام المومنين حضرت بي بي ام حبيبه رضي الله عنها، (10) ام المومنين حضرت بي بي صفيه رضي الله عنها، (11) ام المومنين حضرت بي بي ميمونه رضي الله عنها، (12) ام المومنين حضرت بي بي ريحانه بنت شمعون رضي الله عنها ۽ (13) ام المومنين حضرت بي بي ماريه قبطيه رضي الله عنها جي سيرت پاڪ نهايت ادب ۽ احترام سان لکي ويئي آهي.