پيانو
پيانو: برقي پيانو 1960-1970ع وارن ڏهاڪن ۾ عام ٿيو. هن وڏي آڪار وارا پراڻي پياني جي جاءِ والاري. پراڻو ساز اسڪولن، ڪاليجن ۽ ڪلبن ۾ رکيل هوندو هو. دراصل هن کي اصل معنيٰ ۾ برقي ساز نه سمجهڻ گهرجي. هي هڪ برقي ڪلدار ساز آهي. هن ۾ آوازُ ينتري (Mechanical) طريقي سان پيدا ٿيندو آهي. پوءِ ڊوهن (Pickups) جي ذريعي، اهي آوازَ سُريلا ٿي ويندا آهن. هن کان اڳ وارا پيانا 1920ع ۾ ايجاد ٿيا هئا. برقي پيانا هن وقت نٿا ٺهن، شايد آخري نمونا 1980ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ٺهيا. برقي پيانا اُڀا آهن ۽ انهن جون تارون مترڪن سان وڄن. پياني جي ٻين قسمن ۾ برقي طريقا آهن: بهرحال انهن سڀني سازن جي آوازي خاصيت صوتي (Acoustic) پياني جهڙي آهي. هن جا ڪيترائي نمونا/ قسم آهن. هر قسم ٻئي کان ٿورو ٿڪو الڳ سر مستي سان آهي.
هي يورپ جو مقبول ساز آهي. هي اصل ۾ تار جو ساز آهي. هن جي اندرئين اڌ حصي تي سر منڊل وانگر انيڪ تارون ڊيگهه ۾ الڳ الڳ سرن جي نمائندگي ڪندڙ تاڻيل هونديون آهن. اهي تارون ننڍين ڪاٺين وسيلي ساز جي اڳئين پاسي واري ڪليدي تختيءَ هيٺيان، هر هڪ تار ڪليد سان اهڙي نموني ملايل آهي، جو ڪنهن به ڪليد تي يا آڱر رکبي ته جَڙيل ڪاٺِ هڪدم لاڳاپيل تار تي پوندي ۽ گهربل ٻول نڪرندو. ڏسڻ ۾ وڏي هارمونيم جهڙو آهي، جيڪو ٻنهي هٿن سان وڄائبو آهي. هن جا stops (ٿاما) پيرن وسيلي ڪنٽرول ڪبا آهن، ان ڪري وڄائڻ ۾ ڏُکيو آهي. هي ڪپلر هارمونيم وانگر ٻنهي هٿن سان وڄائجي ٿو. هي ساز ڪليسا ۽ اوپيرا ۾ لازمي رهيو آهي. جڏهن ته ڪلبن ۾ عام وڄايو ويندو هو.