پيتامبر سيوهاڻي

پيتامبر سيوهاڻي

پيتامبر سيوهاڻي

پيتامبر سيوهاڻي: پ. پ ايم. پي. اي پيتامبر سيوهاڻيءَ جو جنم، 14 مئي 1953ع تي باگڙجيءَ ضلعي سکر ۾ ٿيو. سندس والد ارجن داس وانگر هي بہ واپاري ڪرت سان لاڳاپيل رهيو آهي. هن ايم. اي (سياسيات) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي آهي. شروعات ۾ 1979ع ڌاري لوڪل گورنمينٽ نظام ۾ شڪارپور مان ڪائونسلر چونڊيو. بعد ۾ 1996ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. هن ڪيترائي ملڪ گهميا آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.05.14  عيسوي

پ. پ ايم. پي. اي پيتامبر سيوهاڻيءَ جو جنم، 14 مئي 1953ع تي باگڙجيءَ ضلعي سکر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چنيسر2
پير ميان محمد شاھ
سردار خان چانڊيو
امير ابڙو
انود
علي بن محمد المدائني
گلشن سنڌو
اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
ڊومنڪ اسٽيفن
ظھير عباس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون